رَحمَتَ جي سنڌي معنيٰ
فضل، ٻاجهہ، ڪَھل. ڀلائي، مھرباني، بخشش. سُکُ. آرام. برسات.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pity, kindness. Repose, peace.
رَحمَتَ جا بيتن ۾ حوالا
ويڄَ مَ مُون وَٽِ ويھُ، آيا جانِي مُون گهَرِ آيا، آيا ھادِي،
ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪِئا، مَرضَ مُنھِنجي کي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جي، سَندو رَحمَتَ ريھُ،
مَرُ چَڱِيائِي نَہ ٿِيان، ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي،
ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين، اَڱَڻِ شالَ اَچي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 2 ]

مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو سيلو،
پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو،
ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 20 ]
پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو،
ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 20 ]
تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين مَرِضُ مُؤمِنَنِ تان،
دَردُ پاڻَ دَردَ ۾، ٻَرو ٻُڏو ٻاجَهہ ڪِئائِين،
اَگها سَڀَ سَگها ٿِئا، ڏُکندو ڏُورِ نِئائِين،
گِروھَ گودَڙِيَنِ جي، سِلڪَ صِحَتَ ڏِنائِين،
ميڙي مُرِيدَ پانھِنجا، رَحمَتَ هيٺِ رَکئائِين.
[ سُر مارئي، وايون، 23 ]