رَتِيُون جي سنڌي معنيٰ
داڻا داڻا، ذريون، پرزيون، ريزا ريزا، ننڍڙيون ٽُڪرڙيُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Very small pieces, tiniest parts, granuals.
رَتِيُون جا بيتن ۾ حوالا
اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين،
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
وَرَ ۾ ڪونِهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪِئو،
نِھارِيندِيَسِ نِڪِرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھَ رَتِيُون ٿِيين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 15 ]
نِھارِيندِيَسِ نِڪِرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھَ رَتِيُون ٿِيين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 15 ]
مُومَلَ ماڙِيءَ جَهلَ، اُڀي پُڇي پَھِيَڙا،
ڪَنِي ريکوُن رَتِيُون، ڪَنِي ڳاڙھا ڳَلَ،
مَيسَرِيارا مَلَ، دانَھِ گَهڻا ڏَھوڙِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 25 ]
ڪَنِي ريکوُن رَتِيُون، ڪَنِي ڳاڙھا ڳَلَ،
مَيسَرِيارا مَلَ، دانَھِ گَهڻا ڏَھوڙِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 25 ]
ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو،
ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا،
وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان،
ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ ۾، نَہ تَنھِن ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
پاھُ پِرائي آيو، لالِي لُڊُڻِئان،
تُون ڍاٽِي تُون ڍَٽَ ڌَڻِي، تُون راڻو تُون راءُ،
مُومَلَ مُحتاجِيُون ڪَري، عاجِزِيُون اَڳِياءُ.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 19 ]

اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي جَهلُون پايان،
رَءِ جَنھِن جي رَتِيُون، سوجهي سُوٺائُون،
پَسَنِ پَراھُون، اورانگهِئو عالَمَ تان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 23 ]
رَءِ جَنھِن جي رَتِيُون، سوجهي سُوٺائُون،
پَسَنِ پَراھُون، اورانگهِئو عالَمَ تان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 23 ]
ڳاڙھا ڳَنَ ڪُھاڙِيين، لاکِيُون لويُون جَنِ،
ميڙي رَتِيُون مَڃُرَ مان، پاڳُون پَنوَھارَنِ،
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ جَهنگان آڻِئو جَهِليين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 14 ]
ميڙي رَتِيُون مَڃُرَ مان، پاڳُون پَنوَھارَنِ،
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ جَهنگان آڻِئو جَهِليين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 14 ]
سَرَ ۾ سارِي راتِ، لَلي ٿِي لاتِيُون ڪِيُون،
پَکِڙانڊيُون پِرِڀاتِ، ھَنجَ ھَڻَندي رَتِيُون.،
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 15 ]
پَکِڙانڊيُون پِرِڀاتِ، ھَنجَ ھَڻَندي رَتِيُون.،
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 15 ]
English Meaning
Very small pieces, tiniest parts, granuals.