خانَ جي سنڌي معنيٰ
سردارَ، رئيس. (مسلمان اميرن جو هڪ لقب اڳي فقط تاتار جي بادشاهن جو لقب هو پر هاڻي هرهڪ رئيس، امير يا سردار جو لقب آهي. جيئن، پٺاڻ قوم جو لقب ۽ سنڌ ۾ بلوچ قوم جو لقب.) بزرگ، اصيل، ڀلا، اُتم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A title given to rulers and officials in central Asia, Afghanistan, and certain other Muslim countries.
خانَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

پَلَڪُ نَہ رَھي دِلِ تو ري، وَرُ مِيان صاحِبَ خانَ بلوچا،
اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان سي ٽَڪَرَ ٽوري،
ڏُکَ لاھِيندِيَسِ ڏِيلَ جا، ساڻُ عَجِيبَنِ اوري،
ڪانگَ کِيندَمِ ڪيچَ جا، ماسُ چُنجُنِ سان چوري،
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، مَٿان ڪُلَهنِ ڪوري،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سارَ لَھَندُمِ سوري.
[ سُر آبڙي، وايون، 15 ]