حُڪُمُ جي سنڌي معنيٰ
فرمان، ارشاد، آگيا، امرُ، چَيو، آرڊر، اختياري. سرڪاري قاعدو، قانون. رخصت، موڪل، اجازت، پروانو. حڪومت، فرمان روائي، راڄ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
An order, command, sentence. Government rule, jurisdiction.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
حُڪُمُ جا بيتن ۾ حوالا
حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ،
جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ،
پَنجَنِ مان پَنِرَھِ ٿِئا، اِيئَن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪارِيا ڏيھَنِ ۾، مُوذِي سَڀَ مَرَنِ،
مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا ٿَرَ چَرَنِ،
وَرِي وَڏِيءَ وَسَ جُون، ڪي ڳالِهيُون ڳائِجَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَڀَن، آھي تُنھِنجو آسِرو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 5 ]

تان تُون ويھُ سَنبَھِي، ساٿِي مِيان، پانڌِي مِيان،
ڪاڪِ ھَلِبو ڪَڏِھِين،
ڪوٺائُو ڪَرِيمَ جو آيو پَھِي پَرِئان ٿِي مِيان،
حُڪُمُ ڏِيندُءِ ھَٿَ ۾، ھاڻي ھَلُ ھِئان ٿِي مِيان،
لَکين لُڊوڻُون مَڻي، مَٿي واٽَ وِئا ٿِي مِيان،
جيڪو پُڇان سو چئَي، آيو ڪو نَہ اُئان ٿِي مِيان.
[ سُر راڻو، وايون، 5 ]