حُڪُمَ جي سنڌي معنيٰ
فرمان، ارشاد، آگيا، امر، چَيا، آرڊر، اختياريون. سرڪاري قاعدا، قانون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Orders, commands, sentences. Government rules, jurisdictions.
حُڪُمَ جا بيتن ۾ حوالا
روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وارو،
ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو،
ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،
نَبِيءَ نِظارو، پِيَ پَسايو پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 13 ]
ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو،
ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،
نَبِيءَ نِظارو، پِيَ پَسايو پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 13 ]
ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو،
مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 2 ]
مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 2 ]
English Meaning
Orders, commands, sentences. Government rules, jurisdictions.