حَيرانُ جي سنڌي معنيٰ
هَڪو ٻَڪو، وائڙو، مُنجهيل، موڳو، ويڇون، مُتَعَجبُ، پريشان، شَشدر، مُتَحَير، دَنگ، گهٻرايل، مُضطَربُ، عجب ۾، اچرج ۾، تَپرس ۾.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Confounded, astonished, perplexed, disturbed, distracted, bewildered.
حَيرانُ جا بيتن ۾ حوالا
مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئا،
مَٺِيُون جَنِ جي مَنَ ۾، سي ھَڏِھِين ٿِئا حَيرانُ،
بُرا ٿِئا بَيرانُ، ٻيڙو ڀَڳُنِ ٻارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 5 ]
مَٺِيُون جَنِ جي مَنَ ۾، سي ھَڏِھِين ٿِئا حَيرانُ،
بُرا ٿِئا بَيرانُ، ٻيڙو ڀَڳُنِ ٻارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 5 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ بَرَ پَٽَ بَيابانُ،
ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ،
سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين مَيدانُ،
جَنھِن جو آرِياڻِي اَڳِواڻُ، تَنھِن کي ڪانِهي باڪَ بَھِيرَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 8 ]
ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ،
سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين مَيدانُ،
جَنھِن جو آرِياڻِي اَڳِواڻُ، تَنھِن کي ڪانِهي باڪَ بَھِيرَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 8 ]
پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو،
مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ،
شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،
وجِهجِ پِڪَ پينارَ تي، پِريَمِ کائِي پانُ،
پِٽِيان مُنھُن پَسَڻَ لَئِي، ھِتي ٿِي حَيرانُ،
ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَنِ جو سامانُ،
رُئان ٿِي رِڃُنِ ۾، آرِيءَ لئِي عُرِيانُ،
آھي آرِيءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪارِي ڪانُ،
ڪَڏِھِين ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪانُ،
آھِين عَبدِالْلَطِيفُ کي، اَڳِئان تُون اَڳواڻُ.
[ سُر حسيني، وايون، 5 ]

جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھَلِئا لالَ لَڏي،
واللهُ يَدعُوا اِلَيٰ دارالسَلامِ ، صاحِبُ سَڀَنِ سَڏي،
ھئَي ھئَي ھِنَ ھَڏي، ھَمَه کي حَيرانُ ڪِئَو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 27 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھَلِئا لالَ لَڏي،
واللهُ يَدعُوا اِلَيٰ دارالسَلامِ ، صاحِبُ سَڀَنِ سَڏي،
ھئَي ھئَي ھِنَ ھَڏي، ھَمَه کي حَيرانُ ڪِئَو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 27 ]
هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي مارُنِ جا مَڪانَ،
ڪي ڏِينھن هِتي جيڏِيين، ڪِئا گهيٽَنِ سان گُذرانَ،
سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، هِينئَڙو ٿِئو حَيرانُ،
مارُو هُئا مِزمان، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 2 ]