بابَ جي سنڌي معنيٰ
دَرَ، دروازا، لنگهہ، رستا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Chapters, doors, sections.
بابَ جا بيتن ۾ حوالا
خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ،
ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ،
آئِي اُنَ جي بابَ ۾، آيَتَ اِيءَ اِنعامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَیْبِ ، پَرُوڙِجِ پَيغامُ،
خَطِرو لاھي خامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 7 ]

ڪافِرُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين، بابَ شَرَعَ جا ڇَڏِ،
مَنُ مُشرِڪَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 24 ]
مَنُ مُشرِڪَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 24 ]
ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو آھِين مَڇَ،
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
English Meaning
Chapters, doors, sections.