بابُوئنِ جي سنڌي معنيٰ
سامي، جوڳي، ھڪ قسم جا ساڌو لوڪ جيڪي دونھي دکائي ويھندا آھن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sages, saints, faqirs, a kind of Hindu Swami.
بابُوئنِ جا بيتن ۾ حوالا
وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين،
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌِيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کي آھِ مُدامِي،
روشَنُ ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 2 ]

اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، سَندِي بابُوئنِ بانسَ،
وِئا ويراڳِي نِڪِرِي، وِلِها ڪَري واسَ،
جَنِ جِي اَندَرَ ۾ اُداسَ، سي لاھُوتِي لَڏي وِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 14 ]