اِنَّ اللّـٰهَ يَغْفِرُ الذُّنُـوْبَ جَـمِيْعًا جي سنڌي معنيٰ
”بيشڪ الله سڀ گناھ بخشي ڇڏيندو.“
(قرآن مجيد جي سورہ الزمر جي آيت نمبر 53)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Allah forgives all sins"
(Holy Quran Soorah Al-zamar, Ayat: 53)
اِنَّ اللّـٰهَ يَغْفِرُ الذُّنُـوْبَ جَـمِيْعًا جا بيتن ۾ حوالا
ٻاروچا ٻاجهَہ پَئِي، مان کي نِيندا ساڻُ،
ڏِيندا مُون ڏُکِي کي، اَلَھَ لَڳِ اُھڃاڻَ،
لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ، پِرِيَنِ چَيو پاڻَ،
اِنَّ اللّـٰهَ يَغْفِرُ الذُّنُـوْبَ جَـمِيْعًا ، اِي پُنهونءَ جا پَرياڻَ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 3 ]

شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ،
تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ،
ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ، آھي تَنِ آرامُ،
جَنَتَ پِيتائُون جامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 13 ]
تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ،
ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ، آھي تَنِ آرامُ،
جَنَتَ پِيتائُون جامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 13 ]
English Meaning
"Allah forgives all sins"
(Holy Quran Soorah Al-zamar, Ayat: 53)
اِنَّ اللّـٰهَ يَغْفِرُ الذُّنُـوْبَ جَـمِيْعًا ٻول جا زمرا