اُڪارِيين جي سنڌي معنيٰ
مٿي ڇڪي ڪڍيين، چاڙهيين. پار لنگهائيين، ٻيءَ ڪنڌيءَ رسائيين، اُپڙائيين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To take down, cause to descend, to accompany or escort, to settle a dispute.
اُڪارِيين جا بيتن ۾ حوالا
آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي،
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنُ ڪَري،
توڏِي تاڪُنِ وِچَ ۾، وِيرِنِ مَنجِهہ وَري،
آءُ ساھَڙَ مُنھِنجا سُپِرِين، پِرتان پيرَ ڀَري،
ھادِي ھَٿَ ڌَري اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 9 ]
توڏِي تاڪُنِ وِچَ ۾، وِيرِنِ مَنجِهہ وَري،
آءُ ساھَڙَ مُنھِنجا سُپِرِين، پِرتان پيرَ ڀَري،
ھادِي ھَٿَ ڌَري اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 9 ]
اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي ھَٿَ،
ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ،
سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 17 ]
ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ،
سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 17 ]
ھُنَ ڀَرِ نَہ ھِنَ، ويچارِي وَھَ وِچَ ۾،
نيڇُ نِھاري نَہ گِهڙي، تَنھِن ۾ پييَسِ تُنَ،
اللهَ ساڻُ اَمُنَ، آرا ڪَنھِن اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 13 ]
نيڇُ نِھاري نَہ گِهڙي، تَنھِن ۾ پييَسِ تُنَ،
اللهَ ساڻُ اَمُنَ، آرا ڪَنھِن اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 13 ]
ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي کَڻِيئو اُٿِيين،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ،
لوڙِھِئا لَکَ لَطِيفُ چئَي، ڪوڙيِين ڪارُونڀارَ،
اُڪارِيين آڌارَ، آران آکي وارِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 6 ]
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ،
لوڙِھِئا لَکَ لَطِيفُ چئَي، ڪوڙيِين ڪارُونڀارَ،
اُڪارِيين آڌارَ، آران آکي وارِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 6 ]
پيرَ پَرِيندي ٺَرِئا، اِيندي لَٿِي اُڃَ،
مَنجِهہ وِيَرِي سُڃَ، ڪَرَ لَڌِي رِڻَ اُڪارِيين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 18 ]
مَنجِهہ وِيَرِي سُڃَ، ڪَرَ لَڌِي رِڻَ اُڪارِيين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 18 ]
English Meaning
To take down, cause to descend, to accompany or escort, to settle a dispute.