اُٺَنِ جي سنڌي معنيٰ
ٿُوھي سان ھڪڙن جانورن، شُترن، مَيا، ليڙن، ڪرهن، چانگن، بوتن، توڏن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Camels.
اُٺَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ،
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ،
ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَ،
اَڳِئان رائو سُڄي روھَ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 2 ]
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ،
ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَ،
اَڳِئان رائو سُڄي روھَ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 2 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرِ وَراڪا واڪَ،
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 6 ]
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 6 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، اُٺَنِ چَڙِهي اُوءِ،
وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ.
پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ،
رَندَ نِھارِئو روءِ، راتِ نَہ رَھَئا ھيڪَڙي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 9 ]
وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ.
پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ،
رَندَ نِھارِئو روءِ، راتِ نَہ رَھَئا ھيڪَڙي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 9 ]
اُٺَ پُٽَ اُٺَنِ جا، مَرَنِ مَ موڏا،
پُويو پُويو پايان، ڪَرَھَنِ کي ڪوڏا،
اَچَنِ جي اوڏا، تَہ لَڪَ سَوَلا لَنگهِيان.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 9 ]
پُويو پُويو پايان، ڪَرَھَنِ کي ڪوڏا،
اَچَنِ جي اوڏا، تَہ لَڪَ سَوَلا لَنگهِيان.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 9 ]
اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي،
اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 11 ]
لَڪِ چَڙِهئو رِڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا،
اِيندَنِ پُڇي خَبَرُون، وِيندَنِ پيرين پوءِ،
اُٺَنِ ۽ اوٺِيَڙَنِ جو، مُون کي ڏَسُ ڏِيو،
مُونھان ھوتُ وِئو، ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِئان.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 22 ]
اِيندَنِ پُڇي خَبَرُون، وِيندَنِ پيرين پوءِ،
اُٺَنِ ۽ اوٺِيَڙَنِ جو، مُون کي ڏَسُ ڏِيو،
مُونھان ھوتُ وِئو، ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِئان.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 22 ]
جُهولي جُهڻِڪَ جُهِني ڪِي، ويٺِي ٻُڪي ٻاڦَ،
آيَمِ تَنِ اُٺَنِ سين، جَنِ جا پيرَ ڌُڌا ڌَڙَ دافَ،
لَنگهِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَڙٻنگَ تافَ،
ٻِي ڪيرَ لَنگهِيندِي ڪافَ، ھِيءُ بَرُ بِرَھمَڻِ باسِئو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 13 ]
آيَمِ تَنِ اُٺَنِ سين، جَنِ جا پيرَ ڌُڌا ڌَڙَ دافَ،
لَنگهِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَڙٻنگَ تافَ،
ٻِي ڪيرَ لَنگهِيندِي ڪافَ، ھِيءُ بَرُ بِرَھمَڻِ باسِئو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 13 ]
اُنِ کي ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ھُوءِ ڪَري،
آرِي ڄامُ اُٺَنِ تي، واڪِئان تان نَہ وَري،
ھُنِ تان پُنڌُ پَري، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 14 ]
آرِي ڄامُ اُٺَنِ تي، واڪِئان تان نَہ وَري،
ھُنِ تان پُنڌُ پَري، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 14 ]
آرِيچا اُٺَنِ جِي، ڪَنِمِ جي ڪاھِي،
وارِي جا واٽُنِ جِي، جهاڳِيان سَڀَائِي،
چَونِمِ تَہ آئِي، پورھِيَتِ ڄامَ پُنهونءَ جِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 15 ]
وارِي جا واٽُنِ جِي، جهاڳِيان سَڀَائِي،
چَونِمِ تَہ آئِي، پورھِيَتِ ڄامَ پُنهونءَ جِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 15 ]
اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، اُٺَنِ ويرِي ڏاڻَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ،
مُون ڀانيان مَھمانَ، پَرَ ھُو پُنهون وَٺَڻَ آيا.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 8 ]
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ،
مُون ڀانيان مَھمانَ، پَرَ ھُو پُنهون وَٺَڻَ آيا.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 8 ]
English Meaning
Camels.
اُٺَنِ ٻول جا زمرا