اَحمَدُ جي سنڌي معنيٰ
حضرت مُحمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم جن جو اصلي نالو. گهڻو ساراهيل، سڀ کان وڌيڪ ساراهيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Original name of Hazrat Muhammad (may God bless him and grant him peace). Much appreciated, most appreciated.
اَحمَدُ جا بيتن ۾ حوالا
مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾،
جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَّمَدُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِرِين، زارِي زورُ ڪَرِيندو،
اَحمَدُ ڪارَڻِ عاصِيينِ، اُتِ پَرمَلُ پاڪُ پِنَنَدو،
نَفسا نَفسِي سَڀَڪو ڪَري، اُتِ داتا ڏُونھِن ڊوڙَندو،
صِراطَ مَٿان سُپِرِين، اُتِ لالَڻُ لَنگهائِيندو،
مُھتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشائيندو.
[ سُر سارنگ، وايون، 1 ]

اَحَدُ اَحمَدُ پاڻَ ۾، وِچان مِيمُ فَرَقُ،
آھي مُسغَرَقُ، عالَمُ اِنَھِيءَ ڳالِهہ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 15 ]

سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو عَينُ اللهُ،
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَساھُ،
جَنھِن جي رُوحَ سُڃاتو راھُ، تَنھِن کي پِرِينءَ ريءَ پَسَڻُ ناھِ ڪِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 16 ]