آذَرُ جي سنڌي معنيٰ
حضرت ابراھيم ع جي چاچي جو نالو، (جيڪو بت پرست ۽ ڪافر ھئو)و.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hazrat Ibraheem (AS)'s uncle name who was idol worshiper.
آذَرُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين، اِنَ پَرِ نَہ اِيمانُ،
دَغا تُنھِنجي دِلِ ۾، شِرڪُ ۽ شيطانُ،
مُنھَن ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 25 ]
دَغا تُنھِنجي دِلِ ۾، شِرڪُ ۽ شيطانُ،
مُنھَن ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 25 ]
وَجَھَ مَنجِهہ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين،
مُنھَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ،
سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ،
وِترَ جي وِصالَ ۾، دُوئِي ناھِ دَلِيلُ،
نالو ناھِ نِفاقَ جو، جِتي رَبُ جَلِيلُ.
[ سُر آسا، وايون، 6 ]