ھِدايَتَ جي سنڌي معنيٰ
رهنمائي، سونھپ، سنئين واٽ، پيشوائي، رهبري، سنئون رستو، صحيح راھ، اڳواڻي. نصيحت، فھمائش، سمجهاڻي، تاڪيد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Guidance, teaching, instruction, path, do and don't.
ھِدايَتَ جا بيتن ۾ حوالا
ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران،
چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران،
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس آن مَٿان،
لَا يُڪَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ، ڪَندُسِ وَسَ وَڏا،
گهوٽَ پِہ لَڳا گهاءَ، اِي پُڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 1 ]

ڪَسَنِ ۾ ڪوھُ ڦِرين، گَسَنِ ۾ مَ گُذارِ،
وَڃِي وَحَدَتَ وِيءَ ۾، گُونُون ڇَڏي گهارِ،
شَرِيعَتَ جو سَرُ لَهِي، تَنُ تِئائِين تارِ،
حَقِيقَتَ ھَنجَنِ سين، طَريقَتَ تَنوارِ،
مَنجهان مَعرِفَتَ سين، اَندَرَ جي اُجارِ،
ھِدايَتَ جي ھُوءِ ۾، چُڻِئو تُون چانگاَرِ،
تَہ پاريڙِي اِنَ پارِ، ڪو نَہ ڏسين ڪَڏِھِين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 26 ]

ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾،
مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا،
اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،
حَلالُ ڇَڏي ھِتَھِين، مَٿي ڍُونڍَ ڍَرَندا،
ڦِٽَلَ ڦَيارِنِ تي، اورِئائِين اڙَندا،
سَڱُ جيڏاھِين سُرَھو، تيڏاھَن نَہ تَرسَندا،
ھَنڌِ ھِدايَتَ جي، اُستَخان آڻِيندا،
چَمڙَنِ جِھَڙا چُھِنبَ وَڍِئا، ھُماءَ سين نَہ ھَلَندا،
طالِعَ طائُوسَنِ جا، پَسِئو زاغَ جَلَندا،
ھُد ھُد پاسي ھَنجَڙا، ويٺائِي وِھسَندا،
ڪُوڙا ڪِرفِتِيءَ تي، سَٽُون ڏِئو سِرَندا،
حَدَ لَنگِهئائُون حَقَ جِي، ٻِنِهِي پيرَ ٻَجِهندا،
پِرَ جي پاڙِيسرَنِ سين، چُڻُو تان نَہ چُڻَندا.
[ سُر پورب، وايون، 1 ]

سُڻِي ويڻُ ڪَنَنِ سين، وَرائيجِ مَ وَرِي،
ھادِيءَ جي ھِدايَتَ جِي، آھي اِيءَ ڳَرِي،
تَنِ سَڄِي ساھِسَرِي، جَنِي مارِئو نَفسُ ماٺِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 24 ]