ڳُجَهہ جي سنڌي معنيٰ
ڳجهو لڪَ، ڇِپَ، ڳُجهائي، ڳُجُهہ، رازداري، پردہ پوشي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Secrecy, enigma, puzzle, riddle.
ڳُجَهہ جا بيتن ۾ حوالا
پَني ۾ پيھِي تان تُون اَلِفُ نَہ اُجِهئو،
ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، جيھِي نَہ تيھِي،
خَبَرَ تو ڪيھِي، قاضِي ھِنَ ڪِتابَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 9 ]
ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، جيھِي نَہ تيھِي،
خَبَرَ تو ڪيھِي، قاضِي ھِنَ ڪِتابَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 9 ]
جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئان اُونداھِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪِجي،
ڪِيجي قُوتُ قَبَرَ جي، گهوريون آن گُهرِجي،
آگو عَيبَ اَواھِنجا، ڍَڪِئا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، صاحِبُ ٿو سَمجهي،
آھي مَوتُ مِڙَنِ تي، گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊاءِ اللهَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللهَ جي اَجهي،
عَرَضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
نِيازُ ڪَري نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي.
[ سُر سريراڳ، وايون، 6 ]

قَضِيو ڪَربَلا جو، مِڙيوئِي مَلارُ،
ڳالِهہ سَڄِيائِي ڳُجَهہ جِي، اِلاھِي اِسرارُ،
مَولو ٿِئو مُختِيارُ، پَنھِنجَنِ جُون پَرَکُون لَھي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 14 ]
ڳالِهہ سَڄِيائِي ڳُجَهہ جِي، اِلاھِي اِسرارُ،
مَولو ٿِئو مُختِيارُ، پَنھِنجَنِ جُون پَرَکُون لَھي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 14 ]
ڳُجُهہ پانھِنجي ڳُجَهہ کي، رِندَ رَساڻي لاءِ،
اَجَلُ اُڀو آھِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 22 ]
اَجَلُ اُڀو آھِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 22 ]
نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي نَنگُ نَڪو،
نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ،
راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 28 ]
نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ،
راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 28 ]
ڪِينَ ٿِيين ڪِي نَہ ڪِئوءِ، وَڃِي ڪِينَ ڪَماءِ،
لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، جوڳِي سَڀَ جَلاءِ،
سامِي پوءِ سَلِينداءِ، ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 29 ]
لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، جوڳِي سَڀَ جَلاءِ،
سامِي پوءِ سَلِينداءِ، ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 29 ]
ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري،
وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري،
ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ سَري،
لَاْ يَفُوْتُ وَ لَاْ يَمُوْتُ ، سامِيَنِ ڪِينَ سَري،
ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 27 ]

جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهائِين ڳُجَهہ ۾،
سو جو سُڻِين ڪَڏِھِين، ڪِيرَتِ وارا ڪي،
تَہ سازَ مِڙيئِي سي، پِٿُون ڪَنِ پَلڪَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 24 ]
سو جو سُڻِين ڪَڏِھِين، ڪِيرَتِ وارا ڪي،
تَہ سازَ مِڙيئِي سي، پِٿُون ڪَنِ پَلڪَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 24 ]
نابُودِيءَ نيئِي، عَبدَ کي اَعليٰ ڪِئو،
جي مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِئا، صُورَتَ پُڻ سيئِي،
ڪِبِي اِتِ ڪيھِي، ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 26 ]
جي مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِئا، صُورَتَ پُڻ سيئِي،
ڪِبِي اِتِ ڪيھِي، ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 26 ]
ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، ڳالِهہ مِڙِيائِي ڳُجُهہ،
ھِينئَڙا اُجُهہ مَ ٻُجُهہ، تَہ پِرِيَنِئُون پِرِين ٿِئين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 27 ]
ھِينئَڙا اُجُهہ مَ ٻُجُهہ، تَہ پِرِيَنِئُون پِرِين ٿِئين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 27 ]
English Meaning
Secrecy, enigma, puzzle, riddle.