گِرنارَ جي سنڌي معنيٰ
رياست جهونا ڳڙھ ۾ هڪ جبل جو نالو. شھر جي قلعي جو نالو. گهرنار جو ڪوس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Girnar، an ancient hill in Junagadh, Gujarat, India.
گِرنارَ جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]

پاٺُ پِھرِينءَ راتِ ۾، ڳَڙَه پاسي ڳايو،
پِئو غُلغُلو گِرنارَ ۾، اِي عَطائِي آيو،
سالِڪَ سازَ سُرودَ سين، ڪِي جَو ڪَمايو،
ٻِيجَلَ ٻولايو، آھي سِرَ سُوالِي مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 1 ]
پِئو غُلغُلو گِرنارَ ۾، اِي عَطائِي آيو،
سالِڪَ سازَ سُرودَ سين، ڪِي جَو ڪَمايو،
ٻِيجَلَ ٻولايو، آھي سِرَ سُوالِي مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 1 ]
ٻِيجَلِيا ٻُڌاءِ مُون، ڪَھُ جا ڳالِهہ ڳَري،
پيٺين جِيئَن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري،
ڪِ تو پَنڌُ پَري، ڪِ مَڱَ جَهلِيندين مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 19 ]
پيٺين جِيئَن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري،
ڪِ تو پَنڌُ پَري، ڪِ مَڱَ جَهلِيندين مَڱڻا.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 19 ]
گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِئو دُئارُ،
ڪوڙيِين سَندو ڪارَڻِي، اَڙِيَنِ جو آڌارُ،
وَسِيلو وِلهَنِ جو، سَڀَنِي جو سَردارُ،
اِھَڙو راءِ کَنگهارُ، وِئو جهوري جُهونا ڳَڙَه کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 4 ]
ڪوڙيِين سَندو ڪارَڻِي، اَڙِيَنِ جو آڌارُ،
وَسِيلو وِلهَنِ جو، سَڀَنِي جو سَردارُ،
اِھَڙو راءِ کَنگهارُ، وِئو جهوري جُهونا ڳَڙَه کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 4 ]
گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي وِئا دُئارَ،
ٻايُون دايُون ٻانِهيُون، پِٽِئو کَڻَنِ پَارَ،
پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سورٺِ جا سِينگارَ،
راڻِيُنِ ۾ راڙو ٿِئو، پَٽَنِ پيئِي پَچارَ،
جِھَڙو راءِ کَنگهارَ، ڪِينَ ٿيندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 5 ]

گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ،
سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ،
چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ،
نارِيُون نازُ ڪَرِينِ، تَہ راجا راتِ رَمِ ڳيَو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 6 ]
سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ،
چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ،
نارِيُون نازُ ڪَرِينِ، تَہ راجا راتِ رَمِ ڳيَو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 6 ]
نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ،
نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ،
گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ،
راوَلُ پَسِي رَنگُ، ٿِئا لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 27 ]
نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ،
گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ،
راوَلُ پَسِي رَنگُ، ٿِئا لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 27 ]
جوڳِي جَلالِي جَلَبَتِي، مَهارِي مَرويسَ،
دُورِ ڪِئائُون دُئارڪا، مارِي ھَلِئا ميسَ،
ڏوري ڏيوَرَ ديسَ، گُرُ لَڌائُون گِرنارَ ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 18 ]
دُورِ ڪِئائُون دُئارڪا، مارِي ھَلِئا ميسَ،
ڏوري ڏيوَرَ ديسَ، گُرُ لَڌائُون گِرنارَ ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 18 ]
اِھَڙِيءَ آسَ اَپارَ، پارِيُون جَهلِئو نَہ رَھي،
ٻيلي ۽ گِرنارَ، اُٺو گَنگا جَرُ جَکِرو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 28 ]
ٻيلي ۽ گِرنارَ، اُٺو گَنگا جَرُ جَکِرو.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 28 ]
آءُ نانگَ ٻِرَنِئان نِڪِري، ھِيءَ مُوران سَندِي جاءِ،
گاروڙِي گِرنارَ جو، کَڻِئو کَپُرَ کاءِ،
تَنِي لَيءِ واجهاءِ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ ۾.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 20 ]
گاروڙِي گِرنارَ جو، کَڻِئو کَپُرَ کاءِ،
تَنِي لَيءِ واجهاءِ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ ۾.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 20 ]
English Meaning
Girnar، an ancient hill in Junagadh, Gujarat, India.