ڪَلاڙَڪي جي سنڌي معنيٰ
ڪلالن، آبڪار جي. شراب رکندڙن جي، شراب چڪائيندڙن جي، شراب ڪڍندڙن جي، شراب موڪليندڙن جي، شراب ٺاھيندڙن جي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of wine venders, winers
ڪَلاڙَڪي جا بيتن ۾ حوالا
اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا،
ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ،
مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين پَٽِ،
ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَھي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 17 ]
ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ،
مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين پَٽِ،
ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَھي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 17 ]
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪَلاڙَڪي ھَٽِ،
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]
لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 19 ]
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
English Meaning
Of wine venders, winers