ڪامِلُ جي سنڌي معنيٰ
پورو، سالم، سارو، مڪمل، ڪُل، مڙيو ئي، سَمورو، جملي. گناهن يا پاپن کان آزاد، پاڪ، بي عيبُ. برگزيدہ، پارسا، نيڪُ، ڀلارو، سڳورو، صَالح، وڏو ڪاريگر، استاد ڪاريگر، سِياڻو، ڏاهو، هوشيار، قابل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who is pure or free from sin, perfect.
ڪامِلُ جا بيتن ۾ حوالا
سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نَہ وِڙِھي تَنِ سين،
ڏيئِي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرِ لَنگهِئا آسانُ،
توبَهَ جِي تَحصِيلَ سين، ترِي وِئا طُوفانُ،
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واھَرُو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 7 ]
ڏيئِي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرِ لَنگهِئا آسانُ،
توبَهَ جِي تَحصِيلَ سين، ترِي وِئا طُوفانُ،
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واھَرُو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 7 ]
ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، اُٿي وِجُهہ وَڙولَ،
سُتِيُنِ تان سَيِّدُ چئَي، ھَمَ غَمَ اَچَنِ ھولَ،
ٻَھُون پاري ٻولَ، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪيچَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 23 ]
سُتِيُنِ تان سَيِّدُ چئَي، ھَمَ غَمَ اَچَنِ ھولَ،
ٻَھُون پاري ٻولَ، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪيچَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 23 ]
جَڏِيءَ وَٽِ جالي، مانَ اللهَ ڪارَڻِ لِکَ سِينءَ،
آھِيان آرِيءَ ڄامَ جي، ھِتِ ھُتِ حَوالِي،
عَيبَ مُون ۾ اَڳِراَ، مانَ نِرمَلُ نِڪالي،
پَرٽِياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 8 ]
آھِيان آرِيءَ ڄامَ جي، ھِتِ ھُتِ حَوالِي،
عَيبَ مُون ۾ اَڳِراَ، مانَ نِرمَلُ نِڪالي،
پَرٽِياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 8 ]
سَرَتِيُون سُورُ پِرِيَنِ جو، سُڃُنِ ۾ شامِلُ،
ڪوھِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکارِئو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 19 ]
ڪوھِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکارِئو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 19 ]
راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ڪارِي ٿِي قِيامَ،
ڍاٽِيءَ ڍَٽُ چِتايو، ڪَرَھي ھَڻِي ڪامَ،
مارِيَسِ تَنھِن مامَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 26 ]
ڍاٽِيءَ ڍَٽُ چِتايو، ڪَرَھي ھَڻِي ڪامَ،
مارِيَسِ تَنھِن مامَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 26 ]
مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون اَڄُ اِيندو،
سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو،
بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 9 ]
سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو،
بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 9 ]
راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي ڪارِي قِيامَتَ،
اَندَرِ آڳُون لائِيُون، سوڍي جي صُحبَتَ،
مارِيَسِ تَنھِن مَحَبتَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 25 ]
اَندَرِ آڳُون لائِيُون، سوڍي جي صُحبَتَ،
مارِيَسِ تَنھِن مَحَبتَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 25 ]
ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين،
اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو،
وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،
جٖي ڏُھارِيَنِ ڏاکَڙا، لَڪَ سي لَنگهائِيندو،
نُورُ ناڪارو نَہ ڪَري، مُحَّمَدُ مِنَٿَ مَڃِيندو،
پاڻُ سُڃاڻِي پاڻِهين، ڪامِلُ ڪَرمُ ڪَرِيندو،
تَنبُو آڻي تاوَ ۾، عاصِيَنِ لَيءِ اَڏِيندو،
داتا دوزَخِيَنِ کي، لِينگهو لَهرائِيندو،
رَسَڻَ ويرَ رَسِي ڪَري، مُشڪُ رَنگُ مَٽِيندو،
ھِتِ پُڻ حامِي ھِنِ جو، اَڳِئان آڳَهُہ ٿِيندو،
طَھُورا تَڙِيَنِ کي، پانڊپُ پِئارِئيندو،
رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ ، اَھُکِيءَ آڳَھُ ٿِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، ھادِي ھَٿُ جَهلِيندو.
[ سُر بلاول، وايون، 4 ]