ڪارُون جي سنڌي معنيٰ
حيلا، وسيلا، ڪوششون، سعيا، وڙَ، مھربانيون، آزيون، نيزاريون، عاجزيون، منٿون، مھر، مروتون، احسان.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Cries, wows, requests, vocals
ڪارُون جا بيتن ۾ حوالا
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جو دارُون،
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 2 ]
دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 2 ]
دارُون ۽ ڪارُون، جانۡ ڪِي ڪِئا ويڄَ مُون،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، نِھاري نارُون،
جَنِ جُون سيڻَ لَھَنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکوندو ڏُورِ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 7 ]
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، نِھاري نارُون،
جَنِ جُون سيڻَ لَھَنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکوندو ڏُورِ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 7 ]
پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون دُورِ ٿِئا،
نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان،
تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي، جَنھِن پَرِ پِرِينءَ مِڙان،
ڪارُون تي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 1 ]
نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان،
تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي، جَنھِن پَرِ پِرِينءَ مِڙان،
ڪارُون تي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 1 ]
ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِيُون،
ٻِيھَرَ وَڻِجارَنِ، موٽِي وَرَڻُ نَہ ٿِئي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 2 ]
ٻِيھَرَ وَڻِجارَنِ، موٽِي وَرَڻُ نَہ ٿِئي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 2 ]
دَردَ مُنھِنجي جا دارُون، يارَ موٽُ سَٻاجها سُپِرِين،
مُون لَڳِيُون مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون مارُون،
سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئو، سُورَنِ لَڌَڙِيَم سارُون،
مائِٽَنِئُون گَهڻا ڪِئا، ڪُسَنَ مُون سين ڪارُون.
[ سُر آبڙي، وايون، 7 ]
مُون لَڳِيُون مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون مارُون،
سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئو، سُورَنِ لَڌَڙِيَم سارُون،
مائِٽَنِئُون گَهڻا ڪِئا، ڪُسَنَ مُون سين ڪارُون.
[ سُر آبڙي، وايون، 7 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ويچارِي وَري،
لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، پُرِي پيرَ ڀَري،
ڪَمِيڻِي ڪَري، ڪارُون ڪيچَ ڌَڻِيَنِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 5 ]
لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، پُرِي پيرَ ڀَري،
ڪَمِيڻِي ڪَري، ڪارُون ڪيچَ ڌَڻِيَنِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 5 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ پَلاڻَ،
وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ،
ڪارُون ڪِيَمِ ڪيتِرا، سَنجهي وِئا سَرواڻَ،
پُنهون ناھِ پَلَنگَ تي، سيڄَ سُڃِي ٿِي ھاڻِ،
مُون وَٽِ ٿِي مَھمانَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 7 ]

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، جَهلي مَيَنِ مَھارُون،
وِجِهئو ھَٿَ واڳَنِ ۾، ڪَري ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون،
وَڃِي ڪِيُون وَڻِڪارَ ۾، چانگَنِ چانگارُون،
ڪِئَمِ وَسَ ڪارُون راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 12 ]
وِجِهئو ھَٿَ واڳَنِ ۾، ڪَري ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون،
وَڃِي ڪِيُون وَڻِڪارَ ۾، چانگَنِ چانگارُون،
ڪِئَمِ وَسَ ڪارُون راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 12 ]
ڏُونگَرَ تو ڪارُون، ڪِئا نَہ ٻاروچن سين،
ڪَندا تَنوارُون، پاَسان تو پِرِين وِئا.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 15 ]
ڪَندا تَنوارُون، پاَسان تو پِرِين وِئا.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 15 ]
مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِئو گهوري سَسُئِي،
پازِي جِي پُنهونءَ جا، ڪارُون ڪَري کي تَنِ،
ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪِرِي ڀَنڀورَ جِي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 37 ]
پازِي جِي پُنهونءَ جا، ڪارُون ڪَري کي تَنِ،
ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪِرِي ڀَنڀورَ جِي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 37 ]
English Meaning
Cries, wows, requests, vocals