ڍُونڍَ جي سنڌي معنيٰ
ڪنھن مري ويل جانور جو ڪجهہ عرصي کان پيل مَڙه جو ڌپ ڪري وڃي، مردار جانور جو مڙدو، ڪنو گوشت، لوٿ. ڪرفتِي، گندگِي، ڪن ڪچرو، گند.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The skeleton or bones of an animal. A carcass. Filth.
ڍُونڍَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ،
چُھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارائي جي ڪَنَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 9 ]
چُھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارائي جي ڪَنَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 9 ]
ڪانگُ قاصِدُ ڪِيئَن، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي،
پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن،
حالُ جَنھِن جو ھِينئَن، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 36 ]
پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن،
حالُ جَنھِن جو ھِينئَن، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 36 ]
آھي عاشِقَنِ کي، ڪاڙھو مَنجِهہ ڪُرِيزَ،
جي مَٿي وَڃي ڳِيجَهہ، توءِ نِھاري ڍُونڍَ ڏي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 21 ]
جي مَٿي وَڃي ڳِيجَهہ، توءِ نِھاري ڍُونڍَ ڏي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 21 ]
کَڻُ بورائو بازَ کي، ڳِجَهہ جِي ڪِجِ مَ ڳولَ،
ڊوڙَ جَنھِين ڍُونڍَ ڏي، رِڻَ ۾ وَتي رولَ،
جو ٻَھُون پاري ٻولَ، سو ھَٿان ڇَڏِ مَ شِڪرو.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 24 ]
ڊوڙَ جَنھِين ڍُونڍَ ڏي، رِڻَ ۾ وَتي رولَ،
جو ٻَھُون پاري ٻولَ، سو ھَٿان ڇَڏِ مَ شِڪرو.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 24 ]
ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾،
مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا،
اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،
حَلالُ ڇَڏي ھِتَھِين، مَٿي ڍُونڍَ ڍَرَندا،
ڦِٽَلَ ڦَيارِنِ تي، اورِئائِين اڙَندا،
سَڱُ جيڏاھِين سُرَھو، تيڏاھَن نَہ تَرسَندا،
ھَنڌِ ھِدايَتَ جي، اُستَخان آڻِيندا،
چَمڙَنِ جِھَڙا چُھِنبَ وَڍِئا، ھُماءَ سين نَہ ھَلَندا،
طالِعَ طائُوسَنِ جا، پَسِئو زاغَ جَلَندا،
ھُد ھُد پاسي ھَنجَڙا، ويٺائِي وِھسَندا،
ڪُوڙا ڪِرفِتِيءَ تي، سَٽُون ڏِئو سِرَندا،
حَدَ لَنگِهئائُون حَقَ جِي، ٻِنِهِي پيرَ ٻَجِهندا،
پِرَ جي پاڙِيسرَنِ سين، چُڻُو تان نَہ چُڻَندا.
[ سُر پورب، وايون، 1 ]

ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جَو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي،
ڪِ ڪَندو پَنھِنجي پيٽَ جِي، ڪِ ويندو دوسِتَنِ دَرِ،
جَنھِن جِي ٻولِيائِي ٻَر ٻَر، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 37 ]
ڪِ ڪَندو پَنھِنجي پيٽَ جِي، ڪِ ويندو دوسِتَنِ دَرِ،
جَنھِن جِي ٻولِيائِي ٻَر ٻَر، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 37 ]
English Meaning
The skeleton or bones of an animal. A carcass. Filth.