چِيئَن جي سنڌي معنيٰ
ڏاگَهہ، چِکيا. سُورِي. آزار. داغ. (چيئن چاڙهڻ: سوريءَ چاڙهڻ. آزار ۾ وجهڻ. سورن ۾ وجهڻ. ”مون کي چاڙهي چِيئن، ويو وڻجارو اوهِري“)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pyre
چِيئَن جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جَڏھِن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن،
مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو اوھَري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 9 ]
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن،
مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو اوھَري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 9 ]
تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، جُھ اُنِ ٿَرِ وَڃِي ٿاڻا ڪِئا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 13 ]
ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، جُھ اُنِ ٿَرِ وَڃِي ٿاڻا ڪِئا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 13 ]
ڪاغَذُ لِکان ڪِيئَن، جِيئَن ھَڻِئو اَمُرُ اَڌَ ڪَري،
واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِ چاڙِھي چِيئَن،
رُئان راتو ڏِينھَن، اُنِ جي وائِيءَ ۾ وَرَ گَهڻا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 12 ]
واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِ چاڙِھي چِيئَن،
رُئان راتو ڏِينھَن، اُنِ جي وائِيءَ ۾ وَرَ گَهڻا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 12 ]
English Meaning
Pyre