ڀيلو جي سنڌي معنيٰ
اَڻ پَڪل، ڪچو، اَنڪو مٽيءَ جو ٿانءُ، دِلو، مٽ وغيرہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Raw, made by raw and salty soil.
ڀيلو جا بيتن ۾ حوالا
پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ،
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 34 ]
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 34 ]
ڀانيُمِ نَہ ڀيلو، مُون کي ڌاءَ ڌُتارِئو،
آکي مَٿي اُسِري، ڏِنو رُوحَ ريلو،
تيلاھِين ويلو، پِيُمِ واھُڙَ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 10 ]
آکي مَٿي اُسِري، ڏِنو رُوحَ ريلو،
تيلاھِين ويلو، پِيُمِ واھُڙَ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 10 ]
پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي نِھائين،
مُون کي تِئائيِن، ڀيلو ئِي ڀاڱي پِئو.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 14 ]
مُون کي تِئائيِن، ڀيلو ئِي ڀاڱي پِئو.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 14 ]
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀُرِي،
سارَ ڇَڏِيائُون سِيرَ ۾، ڪا ٻانھُنِ کي ٻُرِي،
لَٽي لَهرِيُون وييُون، چَوڌارِي چُرِي،
ھِينئَڙي مَنجِهہ ھُرِي، ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 15 ]
سارَ ڇَڏِيائُون سِيرَ ۾، ڪا ٻانھُنِ کي ٻُرِي،
لَٽي لَهرِيُون وييُون، چَوڌارِي چُرِي،
ھِينئَڙي مَنجِهہ ھُرِي، ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 15 ]
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀَڄِي،
ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي، مَنجِهہ وُجُودَ وَڄِي،
ساھَڙَ کي سَڄِي، آکي جي اَحوالَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 16 ]
ماھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي، مَنجِهہ وُجُودَ وَڄِي،
ساھَڙَ کي سَڄِي، آکي جي اَحوالَ جِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 16 ]
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو سَھي نَہ ڀَرُ،
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
English Meaning
Raw, made by raw and salty soil.