ڀاڻَ جي سنڌي معنيٰ
جايُون، هنڌ، ماڳ، آستانا، ڀاڻا. مال جي ويھڪ جون جايُون، وٿاڻ. گهر. ڳُوٺ واهڻ، وَسِتيُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Places where cattle are kept or manure is collected, a cowpen. villages, areas, living places. A dung hill. The excrement of cows or buffaloes used as manure etc.
ڀاڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ويئِي سُونھَن سَسُئِيءَ جِي، پُنهون ٿِيَسِ پاڻَ،
سَڀَنِي جِي سَيِّدُ چئَي، آھي اِتِ اُماڻَ،
ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجِيبَنِ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 7 ]
سَڀَنِي جِي سَيِّدُ چئَي، آھي اِتِ اُماڻَ،
ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجِيبَنِ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 7 ]
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، پوءِ رَھايَسِ پاڻَ،
جٖي ڀُلايُون ڀاڻَ، رَسُ رَسِيلا تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 6 ]
جٖي ڀُلايُون ڀاڻَ، رَسُ رَسِيلا تَنِ کي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 6 ]
وَنھِيان ٿِيَنِ وَٿاڻَ، ڏوگاھِي ھُئانِ جٖي،
سيئِي ڀيڻِيُون ڀاڻَ، موٽِي مارُوئَڙَنِ اَڏِئا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 23 ]
سيئِي ڀيڻِيُون ڀاڻَ، موٽِي مارُوئَڙَنِ اَڏِئا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 23 ]
کارا کَٻَڙَ ڏيھَ ۾، ٻِئا وارِيءَ مَنجِهہ وَٿاڻَ،
سانگِيَڙَنِ سَيِّدُ چئَي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ،
عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومَرا.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 13 ]
سانگِيَڙَنِ سَيِّدُ چئَي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ،
عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومَرا.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 13 ]
English Meaning
Places where cattle are kept or manure is collected, a cowpen. villages, areas, living places. A dung hill. The excrement of cows or buffaloes used as manure etc.
ڀاڻَ ٻول جا زمرا