پاھُ جي سنڌي معنيٰ
گدامڙي يا ٻين مصالحن کي ملائي تيار ڪيل تيزاب، جنھن ۾ کٽي يا رنگريز ڪوري ڪپڙي کي رنگ ڏيڻ کان اڳ ٻوڙيندا آھن، تہ جيئن ڪپڙي جي ميرائي (ميل) وغيرہ صاف ٿئي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A substance dissolved in water, in which cloth is steeped in preparing it for dying. Sulphur and oil given for manage to camel etc.
پاھُ جا بيتن ۾ حوالا
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، جُهڻِڪَنِ پاسي جهوڪَ،
ڏِيندا پاھُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينھَنِ موڪَ،
لَسَ پِياري لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيُنِ سين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 6 ]
ڏِيندا پاھُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينھَنِ موڪَ،
لَسَ پِياري لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيُنِ سين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 6 ]
ھَلَندِي ھاڙھو مَڻِي، سِسِي ڏيِندِيَسِ ساھُ،
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ،
ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 3 ]
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ،
ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 3 ]
پَرتَوو پُنهونءَ جو، سَھائِي سِياھُ،
مُنھُن ڏيئِي مُون آيو، رَنگا رَنگِي راھُ،
پھرِين ڏِيندا پاھُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 11 ]
مُنھُن ڏيئِي مُون آيو، رَنگا رَنگِي راھُ،
پھرِين ڏِيندا پاھُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 11 ]
ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو،
ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا،
وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان،
ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ ۾، نَہ تَنھِن ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
پاھُ پِرائي آيو، لالِي لُڊُڻِئان،
تُون ڍاٽِي تُون ڍَٽَ ڌَڻِي، تُون راڻو تُون راءُ،
مُومَلَ مُحتاجِيُون ڪَري، عاجِزِيُون اَڳِياءُ.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 19 ]