پاھَڻَ جي سنڌي معنيٰ
جبل جا پٿر، پَھَڻ، ڊوکَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Stones, boulders.
پاھَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ڄاتُمِ نَہ ڄاڻِي، تَہ ڪِ سانگِ ھَلَندا سُپِرِين،
آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان پانھِنجو اَدِيُون آرِياڻِي،
پاھَڻَ ۾ پاڻِي، ھاريُون ھارَڻُ آيو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 20 ]
آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان پانھِنجو اَدِيُون آرِياڻِي،
پاھَڻَ ۾ پاڻِي، ھاريُون ھارَڻُ آيو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 20 ]
ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاءِ مُون،
اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ،
ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 1 ]
اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ،
ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 1 ]
ڪِھَڙو اَٿِئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾،
پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ،
مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،
حَرا ڪَرِ حَرامُ، کاءُ تَہ کاھوڙِي ٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 11 ]
پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ،
مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،
حَرا ڪَرِ حَرامُ، کاءُ تَہ کاھوڙِي ٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 11 ]
English Meaning
Stones, boulders.