پاسو جي سنڌي معنيٰ
طرف، ڀِڪَ، سِڌُ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A side, direction, quarter, support.
پاسو جا بيتن ۾ حوالا
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
ڏَمَرَ پاسو ڏُکَ سين، کانڌِ کَٿورِي ھوءِ،
وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ ، آگو ايِنهِن چوءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 15 ]
وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ ، آگو ايِنهِن چوءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 15 ]
صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي ڏِسو سَڀَيئِي،
سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي،
مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 5 ]
سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي،
مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 5 ]
پَرَ گهَران پاسو ڪَري، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ،
سو تان تَوِھِين ساڻُ، جَنھِن لَئي جَفائُون ڪَرِيين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 7 ]
سو تان تَوِھِين ساڻُ، جَنھِن لَئي جَفائُون ڪَرِيين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 7 ]
آتَڻُ اورانگهي وِئا، آئُون ٿِي مَران ماءُ،
پِٿُون ٿيِندِيَس پيرَ تي، ھئَي ھئَي ڪَري ھاءِ،
جِيئَڻُ مُون نَہ جُڳاءِ، پِرِيَنِ تان پاسو ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 25 ]
پِٿُون ٿيِندِيَس پيرَ تي، ھئَي ھئَي ڪَري ھاءِ،
جِيئَڻُ مُون نَہ جُڳاءِ، پِرِيَنِ تان پاسو ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 25 ]
کُھِي نَہ کوڙي، پاسو پَٻَ وَرَنِ ۾،
ڇورِي نَہ ڇوڙي، سَندو سُورَنِ سَندِرو،
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 36 ]
ڇورِي نَہ ڇوڙي، سَندو سُورَنِ سَندِرو،
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 36 ]
مُون کي ڏِنَڙو دوسِتَ دِلِاسو ڀَلو جيڏِيُون،
ڏِنَڙو يارَ دِلِاسو، جُڙِي آھِيان،
ھيڏانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪيڏانھَن وارايان پاسو،
ھَنڌَ حَويلِيُون حُجرا، پِڙُ پِيراڻون خاصو،
سَيِّدُ سَڀَنِئان سُھِڻو، نُورُ نَبِيءَ جو خاصو،
جَنِ ڪَڍِئو تَنِ ڪوٺِئو، ٿِئَڙو لوڪَ تَماشو.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 4 ]

لَووَرياڙي آھِيان، وارِيان تان نَہ وَرَقُ،
سانڍِئُمِ سُپَيرِيَن لَيءِ، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ،
ڪَنڌِ ڪاسو پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ،
سَندو مارُوءَ حَقُ، جانۡ جِيئان تانۡ پارِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 3 ]
سانڍِئُمِ سُپَيرِيَن لَيءِ، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ،
ڪَنڌِ ڪاسو پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ،
سَندو مارُوءَ حَقُ، جانۡ جِيئان تانۡ پارِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 3 ]
ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو،
ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو،
کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو،
خالِقَ ڪِئو خاصو، چِيھَو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 3 ]