ٻيڙِي جي سنڌي معنيٰ
ڪشتي، مَڪڙي، سفينو، بتيلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A boat.
ٻيڙِي جا بيتن ۾ حوالا
ٻيڙِي تُنھِنجِي ٻاجَهہ، وَکَرُ تَنھِن وِصالَ جو،
کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ،
اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو پاڻِهَين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 3 ]
کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ،
اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو پاڻِهَين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 3 ]
ٻيڙِي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ نَہ وِتَرو،
تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي،
ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 4 ]
تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي،
ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 4 ]
تَنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا،
سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، ڪاڪِ نَہ اَچِي ڪَسِ،
راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِي، جِيئَن تاڻِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 21 ]
سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، ڪاڪِ نَہ اَچِي ڪَسِ،
راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِي، جِيئَن تاڻِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 21 ]
English Meaning
A boat.