يارا جي سنڌي معنيٰ
اي يارو! اي دوستو، اي دل گهريا سنگتيو!
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
O A friend, lover, paramour, gallant.
يارا جا بيتن ۾ حوالا
وَکَرُ وَڻِجارا، پاڻَ پَرائو چاڙِھِيو،
اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا،
جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 2 ]
اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا،
جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 2 ]
جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئان اُونداھِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪِجي،
ڪِيجي قُوتُ قَبَرَ جي، گهوريون آن گُهرِجي،
آگو عَيبَ اَواھِنجا، ڍَڪِئا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، صاحِبُ ٿو سَمجهي،
آھي مَوتُ مِڙَنِ تي، گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊاءِ اللهَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللهَ جي اَجهي،
عَرَضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
نِيازُ ڪَري نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي.
[ سُر سريراڳ، وايون، 6 ]

ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونھارِيءَ جوڙَ،
تَر يارا توڏَنِ کي، ڳِچِيءَ سُونھَن موڙَ،
دولَتَ چايان دوڙَ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 19 ]
تَر يارا توڏَنِ کي، ڳِچِيءَ سُونھَن موڙَ،
دولَتَ چايان دوڙَ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 19 ]
English Meaning
O A friend, lover, paramour, gallant.