وِيءُ جي سنڌي معنيٰ
وکر، سودو، سامان، زمين جو ٽڪرو، چراھو، سيڌو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Thing, stuff, area of land, land, something
وِيءُ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ،
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]
ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ،
سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ،
سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ پِريان جي وِيءُ،
پارِ جَنِي جو پِريءُ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 29 ]
سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ،
سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ پِريان جي وِيءُ،
پارِ جَنِي جو پِريءُ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 29 ]
تو دَرِ آيو راڄِيا، جاجِڪُ وَٺِي جِيءُ،
ڪَنا نَارٌ حَامِيَةٌ ، ھاڻِ بَچائِج ھِيءُ،
والِي ڏِيارِيين وِيءُ، جِتِ آھِ جَناتُ عَدنِ .
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 7 ]
ڪَنا نَارٌ حَامِيَةٌ ، ھاڻِ بَچائِج ھِيءُ،
والِي ڏِيارِيين وِيءُ، جِتِ آھِ جَناتُ عَدنِ .
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 7 ]
اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان مَنجِهين رَھين،
ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ،
جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ لاھُئارو لُڙُ وَھي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 24 ]
ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ،
جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ لاھُئارو لُڙُ وَھي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 24 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪِينَ پِيالو پِيءُ،
”ناھِ“ نِھاري ھَٿِ ڪَرِ، آئُون اِتِ نَہ ٿِي،
سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ توڙان ماڻِيين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 15 ]
”ناھِ“ نِھاري ھَٿِ ڪَرِ، آئُون اِتِ نَہ ٿِي،
سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ توڙان ماڻِيين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 15 ]
سَمي ساماڻي، سَمَرُ کَڻو نَہ ساٿِئا،
ڇَنا ڇانئي ڇَڏِئا، مَنَھَن مَهماڻي،
ھَلِبو ھاڻي، جِتِ وَحدَتَ جو وِيءُ وَھي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 27 ]
ڇَنا ڇانئي ڇَڏِئا، مَنَھَن مَهماڻي،
ھَلِبو ھاڻي، جِتِ وَحدَتَ جو وِيءُ وَھي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 27 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، حَمدُ جَنِي جو هِيءُ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، اِيءُ پِيالو پِيءُ،
جِتِ وِراهِبو وِيءُ، تِتِ ڪاڻِيارِي ڪا مَ ٿِئي.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 2 ]
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، اِيءُ پِيالو پِيءُ،
جِتِ وِراهِبو وِيءُ، تِتِ ڪاڻِيارِي ڪا مَ ٿِئي.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 2 ]
English Meaning
Thing, stuff, area of land, land, something