وَٿاڻُ جي سنڌي معنيٰ
ماڳ مڪان، جاءِ، جڳھ، چوپائي مال جي بيھارڻ جي جاءِ، هنڌ، لوڙهو، واڙو، ڪَڙه. ڀاڻُ، واڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A place, residence. An enclosure or pen for putting up cattle in at night.
وَٿاڻُ جا بيتن ۾ حوالا
مَري مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلِهو مَ ٿِئي،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ،
ساھَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 23 ]
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ،
ساھَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 23 ]
ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون،
چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ،
ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ تُنھِنجي ساڻُ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، يارَ وِڃايُمِ ڄاڻُ،
ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيانِ، سَندو نِينھَن نِڌاڻُ،
نَصِيبُ ڪَرِ نَہ سُئِيءَ کي، پُنهونءَ اُٺَ وَٿاڻُ.
[ سُر آبڙي، وايون، 14 ]

وِرھُ جَنِ وَٿاڻُ، سُورُ سَلامِي تَنِ جو،
جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ،
جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ ڪِئو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 8 ]
جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ،
جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ ڪِئو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 8 ]
لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ساڻُ،
چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ،
جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 13 ]