وارِينِ جي سنڌي معنيٰ
موٽائين، ڦيرين، سترو ڪن، موٽائين، وري حاجت ۾ موڪلين، ورائي ڏين، ورائين، موٽائي موڪلن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Return, returning back
وارِينِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙيِين اُڀا ڪيتِرا، وَڍِئو سِرَ سَڃِينِ،
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 32 ]

سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]

تييُون توشو تِوڻِ نَہ ڪا، ڌُرِيائِينِ ڌارِينِ،
ڏُکِئا سُکِئا ڏِينھَڙا، ٿا گهَٽَ اَندَرِ گهارِينِ،
تَوَڪَلَ ٻَڌائُون تُرَھو، ٻِي وائِي نَہ وارِينِ،
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، اِتي اِخِتيارِينِ،
پَرِ چَڱِي پارِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 3 ]

واوَئُون وَرَقُ وِصالَ جو، ويراڳِي وارِينِ،
وَرِيُنِ واءُ وِصالَ جو، اُڪَنڊَ ۾ آھِينِ،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لوڪَ نَہ لَکائِينِ،
وَٱللَّهُ غَالِبٌ عَلَىٰ أَمۡرِہ ، پَرِ چَڱِي پارِينِ،
لاھُوتِي لَڏِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 26 ]

آڻِين ۽ چاڙِھِينِ، ڪِ ويڙِھيچا وارِينِ،
سَٿا ڪِئو سُومَرا، سائُون سُڪائِينِ،
مَنجهان لَنبَ لَطِيفُ چئَي، چائُرَ ڪِئو چاڙِھِينِ،
پُلاءُ نَہ پاڙِينِ، عُمَرَ آراڙِيءَ سين.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 21 ]

ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ويڙِھِيين وَڳَ وارِينِ،
ڇَڇين ڇيڪارِئو ڇيلِڙا، پَٽين پَھِرائِينِ،
نيڻَ مُنھِنجا اُنِ کي، جَهجهو جَرُ ھارِينِ،
تاڙا تَنوارِينِ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 1 ]