نِيازُ جي سنڌي معنيٰ
سوال، التجا، مِنٿ، ليلڙاٽي، زاري، عرض، درخواست. عاجزي، نيازمندي. ارداس، اِنڪساري، عاجزي . نئڙت، نھٺائي، نمرتا، هيٺاهين، عجز، غربت . حاجت، احتياج، آرزو، تمنا، خواهش، اِظهار محبت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Supplication, petition, humility. A thing dedicated an offering, oblation.
نِيازُ جا بيتن ۾ حوالا
جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئان اُونداھِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪِجي،
ڪِيجي قُوتُ قَبَرَ جي، گهوريون آن گُهرِجي،
آگو عَيبَ اَواھِنجا، ڍَڪِئا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، صاحِبُ ٿو سَمجهي،
آھي مَوتُ مِڙَنِ تي، گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊاءِ اللهَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللهَ جي اَجهي،
عَرَضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
نِيازُ ڪَري نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي.
[ سُر سريراڳ، وايون، 6 ]

دوسِتَ ڪُھائي دادُلا، مُحِبَ مارائي،
خاصَنِ خَلِيلَنِ کي، سَخِتِيُون سَهائي،
اَللّٰه الصَّمَدُ بي نِيازُ، جا ڪَري سا چاھي،
اِنَهِيءَ ۾ آھي، اُونِهِي ڳالِهہ اِسرارَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 3 ]