نَصِيبُ جي سنڌي معنيٰ
ڀاڳ، قسمت، مُقدر، لِکيو، بخت، حصو، تقدير، ڪَرم، طالع. ممڪن، حاصل، مُيسر. مقرر، مشيت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fate, destiny, luck, fortune.
نَصِيبُ جا بيتن ۾ حوالا
ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون،
چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ،
ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ تُنھِنجي ساڻُ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، يارَ وِڃايُمِ ڄاڻُ،
ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيانِ، سَندو نِينھَن نِڌاڻُ،
نَصِيبُ ڪَرِ نَہ سُئِيءَ کي، پُنهونءَ اُٺَ وَٿاڻُ.
[ سُر آبڙي، وايون، 14 ]

سِرجِي تانۡ سُورَ، ساماڻِي تانۡ سُکَ وِئا،
اِھي ٻَئِي پُورَ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 2 ]

سَسُئِيءَ جي سِرِيءَ سين، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌِي،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، آرَياڻِيءَ آندِي،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، مُنڌَ ھُئِي ماندِي،
پُنهونءَ پيراندِي، نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 31 ]

ڪالَهہ قَرِيَنِ لَڏِئو، تان تُون ٿِيءُ تَيارُ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچو اِي قَرارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 14 ]

مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي، پِرِينءَ پيشانِي،
سي ڪِيئَن وَڃَنِمِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي،
تَنِي جِي ٻانِهي، ڪِھَڙِي حُجَ ھَلايان.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 15 ]