نَصِيبَ جي سنڌي معنيٰ
ڀاڳ، قسمت، مُقدر، لِکيو، بخت، حصو، تقدير، ڪَرم، طالع. ممڪن، حاصل، مُيسر. مقرر، مشيت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fate, destiny, luck, fortune.
نَصِيبَ جا بيتن ۾ حوالا
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]

جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾، مُومَلَ مَينڌَرو،
پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو،
راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني سين واڳِجِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 19 ]
پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو،
راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني سين واڳِجِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 19 ]
مُومَلَ ناھِ مَينڌَرو، جان جان مَنجِهہ نَصِيبَ،
مُون کي مُون حَبِيبَ، طَعنو ئِي تُنھِنجو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 20 ]
مُون کي مُون حَبِيبَ، طَعنو ئِي تُنھِنجو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 20 ]
سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، سيکاري سَھسَ،
پُڄِي تِئان پَھَسَ، مُون کي نَصِيبَ نيئِي جَهلِئو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 13 ]
پُڄِي تِئان پَھَسَ، مُون کي نَصِيبَ نيئِي جَهلِئو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 13 ]
سيئِي سُورَ طَبِيبَ، جَنِي سُورَ سَڃَ ڪِي،
جَو لِکِئو ھُتِ لَطِيفُ چئَي، سوئِي ڪَنِ قَرِيبَ،
جٖي نوازِئا نَصِيبَ، دارُونءَ سي دُرُستُ ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 4 ]
جَو لِکِئو ھُتِ لَطِيفُ چئَي، سوئِي ڪَنِ قَرِيبَ،
جٖي نوازِئا نَصِيبَ، دارُونءَ سي دُرُستُ ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 4 ]
English Meaning
Fate, destiny, luck, fortune.