نالي جي سنڌي معنيٰ
نانوَ، اسم. ناموس، هاڪ، ساراھ، نيڪي، مشھوري، جس، ڌاڪي، هڪل، ناماچار، شھرت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A name, appellation. A noun.
نالي جا بيتن ۾ حوالا
اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين،
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
جَتَنِ يارانو، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪونَہ ڪِئو،
نالي سُيَسِ ھوتَ جي، مَٿِنِ بارانو،
تيلاھِين طَعنو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 3 ]
نالي سُيَسِ ھوتَ جي، مَٿِنِ بارانو،
تيلاھِين طَعنو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 3 ]
نالي نِماڻِي، ٻاجهارِي ٻَروچَ ري،
ڪِئائِين سَڱُ سَيِّدُ چئَي، ڄامَنِ سان ڄاڻِي،
پاڻِ تَہ پَرٽِياڻِي، ٿِيَسِ حِمايَتَ ھوتَ جِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 19 ]
ڪِئائِين سَڱُ سَيِّدُ چئَي، ڄامَنِ سان ڄاڻِي،
پاڻِ تَہ پَرٽِياڻِي، ٿِيَسِ حِمايَتَ ھوتَ جِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 19 ]
شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين،
آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ،
آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،
آھِين کاڄُ بُکِينَ جو، تانۡ تُون طَعامُ تَيارُ،
اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسان جو دِيدارُ،
حُسُنَ ھوتَ پُنهونءَ جي ڪَڪورِئو ڪوھِيارُ،
سُڃَ ڪِئائِين سُرَھِي، واسِئائِين وَڻِڪارُ،
ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، عَطُرُ ٿِئو آوارُ،
گهورِئان گهَرُ گهَٽِيءَ تان، اَچي جِئا آڌارُ،
ڪوڙيِين ٿِئا ڪيتِرا نالي تان نِثارُ،
سَدا صَلابَتَ جِي، گولِي گِرُفِتارُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِلئو مُون مَنٺارُ.
[ سُر حسيني، وايون، 2 ]

اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، اَلبيلِيُون ۽ آلي،
موھِيو مَنُ مَجازَ سين، نيڻَنِ جي نالي،
سَگهان نَہ جالي، تو ريءَ ساعَتَ سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 36 ]
موھِيو مَنُ مَجازَ سين، نيڻَنِ جي نالي،
سَگهان نَہ جالي، تو ريءَ ساعَتَ سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 36 ]
نَظَرُ نَزدِيڪونِ، آئُون سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سِينءَ،
پَسَڻَ پَري ٿِئُونِ، آئُون نالي ڳِيِڙي نِجُهران.
[ سُر آسا، مجازي مام، 14 ]
پَسَڻَ پَري ٿِئُونِ، آئُون نالي ڳِيِڙي نِجُهران.
[ سُر آسا، مجازي مام، 14 ]
تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آئُون مُھاڻِي مي،
کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، حالُ مُنھِنجو ھي،
مُون ڏُھاڳُ مَ ڏي، آئُون نالي سُيَسِ تُنھِنجي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 8 ]
کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، حالُ مُنھِنجو ھي،
مُون ڏُھاڳُ مَ ڏي، آئُون نالي سُيَسِ تُنھِنجي.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 8 ]
English Meaning
A name, appellation. A noun.