مَڪُڙا جي سنڌي معنيٰ
ٻيڙا، بتيلا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Boats, small ships.
مَڪُڙا جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري،
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي مَڪُڙا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 22 ]
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي مَڪُڙا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 22 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ،
پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ،
جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي ڀَئُہ مَ ڏي ڀَتارُ،
جيڏاھَن مُنھُن مَدِيني جو، سُڄي مُحَّمَدُ موچارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀَ پَسَندا پارُ،
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 24 ]

گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ،
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ،
لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان،
ڪُنَنِ جِي ڪَشوڪَشَ ۾، جُنبئا ڪي جُوانَ،
موڙي چاڙِھِيائون مَڪُڙا، ڄولي پَنھِنجا ڄاڻَ،
سُبْحَانَڪ اِنِّی اَھل العِجز من مَعْرِفَتڪ ، اِھَڙا جَنِ پَرِياڻَ،
وَڄائي وَڏاَڻ، حَيرَتَ ۾ ھَلِي وِئا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 3 ]

ھُو پُڻ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي پُڻ سائِرَ سَنبِرين،
اَڳَ ٿي ٻوڙِيَئِي ٻَہ ڪَنڌِيُون، ھانِ جَمِيعَتَ وَھين جاءِ،
اَچِيو تَڙِ ڍُڪاءِ، ڀَتو ڀَتين مَڪُڙا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 35 ]
اَڳَ ٿي ٻوڙِيَئِي ٻَہ ڪَنڌِيُون، ھانِ جَمِيعَتَ وَھين جاءِ،
اَچِيو تَڙِ ڍُڪاءِ، ڀَتو ڀَتين مَڪُڙا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 35 ]
ھُو پُڻ ڏِٺَئِي ڏِينھَن، ھِي پُڻ سائِرَ سَنبِرين،
تَڙِ گهِڙَندي اِيءَ، ڀَتو ڀَتين مَڪُڙا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 36 ]
تَڙِ گهِڙَندي اِيءَ، ڀَتو ڀَتين مَڪُڙا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 36 ]
تَرِيُون پَسان نَہ تارِ ۾، جُهڳا جاءِ نَہ ڪَنِ،
مادَرِ مَلاحَنِ، ماڳِ نَہ ڍويا مَڪُڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 5 ]
مادَرِ مَلاحَنِ، ماڳِ نَہ ڍويا مَڪُڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 5 ]
اُڀِي اوسَڙان اُسَ ۾، جَهلِئو ڪُنَ ڪِنارَ،
گهاتُو گهَرِ نَہ آيا، وَڏِي لَڳيَنِ وارَ،
ھُيَسِ جَنِي ھارَ، سي موڙي چُرِئا مَڪُڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 9 ]
گهاتُو گهَرِ نَہ آيا، وَڏِي لَڳيَنِ وارَ،
ھُيَسِ جَنِي ھارَ، سي موڙي چُرِئا مَڪُڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 9 ]
English Meaning
Boats, small ships.