لِباسُ جي سنڌي معنيٰ
پوشاڪ، ويسُ، وڳو، ڪپڙا، جامون، وستُر، ڪپڙو لَٽو، ڍَڪُ، سَتر، برقعو. ڍنگ، روپ، مُلمعو، ڏيکُ. زرين پوشاڪ، زَر، زيور، هار سينگار، ٽِيپ، ٽاپُ، ڏيکُ ويک، ڀَڀڪو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dreesing, suiting, fawning, flattery.
لِباسُ جا بيتن ۾ حوالا
جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي،
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ،
اُڀو پِريان پاسِ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 7 ]
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ،
اُڀو پِريان پاسِ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 7 ]
لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو،
آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ،
مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ ڏي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 8 ]
آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ،
مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ ڏي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 8 ]
آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو،
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]
دَلَقُ ڍَڪائِجِ دِلِ کي، لائِجِ ڪو مَ لِباسُ،
پُوري کائِجِ پانھِنجو، مَڙِهئان اَندَرِ ماسُ،
ويراڳِي تو واسُ، سَرَ ۾ بُويُون موڪِلي.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 21 ]
پُوري کائِجِ پانھِنجو، مَڙِهئان اَندَرِ ماسُ،
ويراڳِي تو واسُ، سَرَ ۾ بُويُون موڪِلي.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 21 ]
English Meaning
Dreesing, suiting, fawning, flattery.