لُڊاڻو جي سنڌي معنيٰ
جيسلمير جو ھڪ تاريخي ماڳ، اصل نالو لڊورو يا لڊوروا، سنڌ ۾ عام طور لوڊاڻو طور مشھور. مومل جي ماڙي ھن ماڳ تي واقع آھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A historical region of Jaisalmer, originally known as Lodurvo or Lodurva, commonly known in Sindh as Ludano. Momal's palace is located on this area.
لُڊاڻو جا بيتن ۾ حوالا
ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چوڏِسِ چِٽاڻو،
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو،
راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 26 ]
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو،
راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 26 ]
حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ قُربانُ، گهورِئان لُڊاڻو،
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، لُوٺو لُڊاڻو،
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو،
ڪِجي نَہ ماڻو، مِيان مُحتاجَنِ سين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 17 ]
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو،
ڪِجي نَہ ماڻو، مِيان مُحتاجَنِ سين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 17 ]
English Meaning
A historical region of Jaisalmer, originally known as Lodurvo or Lodurva, commonly known in Sindh as Ludano. Momal's palace is located on this area.