فِدا جي سنڌي معنيٰ
صدقو، گهور، قرباني. عبادت، بندگي، ڀڳتي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sacrifice, consecration, devoting to any service.
فِدا جا بيتن ۾ حوالا
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ،
سِرُ دَرِ قَدَم يار فِدا شُدِ چہِ بَجا شُدِ ، وَصُلَ اُھوئِي وَنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 13 ]
سِرُ دَرِ قَدَم يار فِدا شُدِ چہِ بَجا شُدِ ، وَصُلَ اُھوئِي وَنگُ،
راتِ جَنِي جو رَنگُ، اللهَ سي اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 13 ]
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِئا، راوَتَ ڪِينَ رَھَنِ،
سائُنِ سِرَ فِدا ڪِئا، اَڳِئان اِمامَنِ،
یُجَاهِدُوْنَ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ ، ٿا ڪَمُ اِھو ئِي ڪَنِ،
حُورُون ھارَ ٻَڌَنِ، سهِرا شَھِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 1 ]
سائُنِ سِرَ فِدا ڪِئا، اَڳِئان اِمامَنِ،
یُجَاهِدُوْنَ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ ، ٿا ڪَمُ اِھو ئِي ڪَنِ،
حُورُون ھارَ ٻَڌَنِ، سهِرا شَھِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 1 ]
ماڻُهو گُهرَنِ مالُ، آئُون سَڀَ ڏِينھَن گهُران سُپِرِين،
دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،
ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون کي مَحبُوبَنِ جي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 8 ]
دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،
ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون کي مَحبُوبَنِ جي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 8 ]
حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ قُربانُ، گهورِئان لُڊاڻو،
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو،
مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 29 ]
ڪَھِيائين سين ڪُن، فَيَڪُونُ فِدا ڪَري،
تَعظِيما تَمامُ ڪَري، پوءِ پَٿَيرِئائِين ڀُون،
مارُو تِئائِين مُون، ڀينَرُ ڀاڱي آيو.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 3 ]
تَعظِيما تَمامُ ڪَري، پوءِ پَٿَيرِئائِين ڀُون،
مارُو تِئائِين مُون، ڀينَرُ ڀاڱي آيو.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 3 ]
English Meaning
Sacrifice, consecration, devoting to any service.