فائِقَ جي سنڌي معنيٰ
مانوارا، عزت لائق، فھميدا
ذريعو:ڀٽائيپيڊيا
English Meaning
Respectable, honorable
فائِقَ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَنِ اُتو سين اِيمانَ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 4 ]
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 4 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فائِقَ فَرِمايو،
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُھِڻِيءَ کي سَعيو،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، اوڏاھِين آيو،
جيڪي ھادِيءَ ھَلايو، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 9 ]
ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُھِڻِيءَ کي سَعيو،
دِلو دَورَ دَرياھَ جي، اوڏاھِين آيو،
جيڪي ھادِيءَ ھَلايو، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 9 ]
جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَلِئا فِردَوسَ ڏي،
فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ،
يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ، اُنِهين جِي اِحسانَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 9 ]
فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ،
يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ، اُنِهين جِي اِحسانَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 9 ]
English Meaning
Respectable, honorable