طَعامُ جي سنڌي معنيٰ
کائڻ جي شيءِ، کاڌو، غذا، خوراڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Food, victuals.
طَعامُ جا بيتن ۾ حوالا
شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين،
آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ،
آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،
آھِين کاڄُ بُکِينَ جو، تانۡ تُون طَعامُ تَيارُ،
اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسان جو دِيدارُ،
حُسُنَ ھوتَ پُنهونءَ جي ڪَڪورِئو ڪوھِيارُ،
سُڃَ ڪِئائِين سُرَھِي، واسِئائِين وَڻِڪارُ،
ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، عَطُرُ ٿِئو آوارُ،
گهورِئان گهَرُ گهَٽِيءَ تان، اَچي جِئا آڌارُ،
ڪوڙيِين ٿِئا ڪيتِرا نالي تان نِثارُ،
سَدا صَلابَتَ جِي، گولِي گِرُفِتارُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِلئو مُون مَنٺارُ.
[ سُر حسيني، وايون، 2 ]

نَڪِي طَعامُ تُنبَنِ ۾، نَڪِي گَبَريَنِ،
مُون پُڻ مُلا تَنِ، حاصِلُ ڪِي حالُ ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 10 ]
مُون پُڻ مُلا تَنِ، حاصِلُ ڪِي حالُ ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 10 ]
نَڪِي طَعامُ تُنبِنِ ۾، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ،
رامُ ڪِئائُون ڏيَٺِ، وَڃَنِ ڪِينَ ڪُلِهي ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 11 ]
رامُ ڪِئائُون ڏيَٺِ، وَڃَنِ ڪِينَ ڪُلِهي ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 11 ]
گولو توءِ غُلامُ، جَي فارِسِي سِکِئو،
ٻَڌو جَو ٻِن ڳالِهيين، سو ڪِيئَن چائي ڄامُ،
اُڃِئو تَہ آبُ گهُري، بُکِئو تان طَعامُ،
اِيءُ عامِيَنِ سَندو عامُ، خاصَنِ مَنجهان نَہ ٿِئو.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 19 ]
ٻَڌو جَو ٻِن ڳالِهيين، سو ڪِيئَن چائي ڄامُ،
اُڃِئو تَہ آبُ گهُري، بُکِئو تان طَعامُ،
اِيءُ عامِيَنِ سَندو عامُ، خاصَنِ مَنجهان نَہ ٿِئو.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 19 ]
English Meaning
Food, victuals.