سِيڻاھِ جي سنڌي معنيٰ
ٻڪريءَ جي کَلَ مان ٺاهيل تَرڻ جي کَلِي، سِيڻهہ، سانداري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Swimming bag (sack) made from goat's leather.
سِيڻاھِ جا بيتن ۾ حوالا
گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِيھِين اَٿيئِي،
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي،
ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 4 ]
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي،
ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 4 ]
راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، نَہ ڪا سِيڻاھِ ساڻُ،
وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ،
مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي سَڀَ پَٽُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 17 ]
وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ،
مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي سَڀَ پَٽُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 17 ]
اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين،
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾،
اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ،
ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون آھِيان اَوِھان ڌارَ،
ٻِڇَلِ ٻانڌِي ٻارِ ڪَري اُتِ اُبَتا آرَ،
تَنھِن ۾ گِهڙِي سُهڻِي آڳَھَ ريءَ آڌارَ،
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ،
سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين، سِگهو رَسُ سَنگهارَ،
اوراڙان آھُون ڪَري، پَھچان شالَ پَراڙَ،
سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون، سانڀارا سَنڀارَ،
آيَمِ ريلي ريءَ سين، اَلا تو اَھارَ،
تارِ تَرَندِيَسِ پِرِين پَسَندِيَسِ، ويندِيَسِ وَٽِ وَڇارَ،
پُورِيندِيَسِ پارَ مَڻِي، سَھِسين جَي سيسارَ،
گولِي گهاگهائي، جَکَنِ ٿا جانارَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 17 ]