سَرَتِيُون جي سنڌي معنيٰ
سنگتياڻيون، اديون، جيڏڙيون، ننڍي ھوندي کان گڏ سکيون، سَکيون، ڀينرو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Friends, pals, childhood friends. (Only used in female to female friends in Sindhi language.)
سَرَتِيُون جا بيتن ۾ حوالا
وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڪَري ڏيرَ ڏورو،
ساڄَنَ ريءَ سَرَتِيُون، ٿِئو آتَڻُ اَڌُورو،
نِيَ سين نِسورو، سَرَتِيُون جو سِتَمُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 5 ]
ساڄَنَ ريءَ سَرَتِيُون، ٿِئو آتَڻُ اَڌُورو،
نِيَ سين نِسورو، سَرَتِيُون جو سِتَمُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 5 ]
اَڱَڻِ آيا جانۡ، تَہ سَرَتِيُون مُون سُکَ ٿِئا،
اَمُلَ پِرِينءَ مَٿان، ٻَڙِڪِئو ٻِيَنِ ڏِيان.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 6 ]
اَمُلَ پِرِينءَ مَٿان، ٻَڙِڪِئو ٻِيَنِ ڏِيان.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 6 ]
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
مُون بِيٺي ئِي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ،
سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 10 ]
مُون بِيٺي ئِي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ،
سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 10 ]
سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جُون، ڌَڳِيُون ڌَڄائُون،
آيَلِ تَنِ آئُون، موٽِيو ڪِينَ وِسَهان.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 17 ]
سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جُون، ڌَڳِيُون ڌَڄائُون،
آيَلِ تَنِ آئُون، موٽِيو ڪِينَ وِسَهان.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 17 ]
واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو،
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]
کَرَڪَنِ کِجاياسِ، مَحبَتيءَ ميھارَ جي،
ڇَڙِڪَنِ جي ڇيڄَ ڪِئا، تَنِ واري وَھِ وِڌِياسِ،
لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اَچِي آبِ گهِڙِياسِ،
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، سِڪَڻُ آئُون سِکِياسِ،
وَسان تي ويياسِ، مِلِيَسِ جي نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 7 ]

آڌِيءَ اُڌاڻا، سَرَتِيُون سُکَ ميھارَ جا،
لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِئا ساھَڙَ سِيباڻا،
ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان شالَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 7 ]
لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِئا ساھَڙَ سِيباڻا،
ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان شالَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 7 ]
ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو،
وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ،
وَڃان تَہ واڪو پَئي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
ھُتِ ٿِي وَعدي وارَ، ھِتِ سُوٽُون ڏِينِ سَرَتِيُون.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 26 ]
وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ،
وَڃان تَہ واڪو پَئي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
ھُتِ ٿِي وَعدي وارَ، ھِتِ سُوٽُون ڏِينِ سَرَتِيُون.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 26 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين جِيئَن،
قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن،
سَرَتِيُون ساھَڙَ سِينءَ، ھَلَڻُ مُون حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 5 ]
قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن،
سَرَتِيُون ساھَڙَ سِينءَ، ھَلَڻُ مُون حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 5 ]
تَرَڻَ جا طَعنا، سُھِما ڏِينمِ سَرَتِيُون،
دَرياھَ ديوانا، سُڻُ حَقِيقَتَ حالَ جِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 19 ]
دَرياھَ ديوانا، سُڻُ حَقِيقَتَ حالَ جِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 19 ]
English Meaning
Friends, pals, childhood friends. (Only used in female to female friends in Sindhi language.)