ساٿِيَنِ جي سنڌي معنيٰ
ساٿ ڏيندڙن، سنگتين، دوستن، همراهن، يارن، شريڪن، ٻانھن ٻيلين، مددگارن، ڀرجهلن، رفيقن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Comrades, companions, accomplices, assistants.
ساٿِيَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]

واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ،
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]
پَسئِو رُونِ پُنهونءَ جا، اَکِيُون اوتارا،
مُون ڀانيو مُون وَٽِ، ھُوندا ڄَمارا،
ساٿِيَنِ سَوارا، ڪِئو ڪيچُ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 10 ]
مُون ڀانيو مُون وَٽِ، ھُوندا ڄَمارا،
ساٿِيَنِ سَوارا، ڪِئو ڪيچُ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 10 ]
ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچاري رَنگِ،
ٿِيان ساٿِيَنِ جي سَنگِ، جي مُون نِيئنِ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 16 ]
ٿِيان ساٿِيَنِ جي سَنگِ، جي مُون نِيئنِ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 16 ]
مُون ڀانيو مَھمانَ، جيڪُسِ پَھَرَ پُنهونءَ جِي،
بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ،
ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي ڏاڻَ،
وِلها ٿِئا وَٿاڻَ، ساٿِيَنِ ري سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 1 ]
بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ،
ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي ڏاڻَ،
وِلها ٿِئا وَٿاڻَ، ساٿِيَنِ ري سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 1 ]
ساٿِيَنِ سَويرَ، آڻي اُٺَ اَويٽِئا،
اِيئَن نَہ ڀانيُمِ جيڏِيُون، تَہ ڪا ڏاڍِي ڪَندا ڏيرَ،
اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 2 ]
اِيئَن نَہ ڀانيُمِ جيڏِيُون، تَہ ڪا ڏاڍِي ڪَندا ڏيرَ،
اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 2 ]
ڀِنِيءَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنِ ۾،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، مُون کي مَنجُهہ نَہ ڏِينِ،
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 14 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، مُون کي مَنجُهہ نَہ ڏِينِ،
ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 14 ]
ڀِنِيءَ ٿِئا ڀيڙا، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنَ ۾،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، کَنيائُون کيڙاَ،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لَنگهي وِئا ليڙا،
وِلِهِيءَ جا ويڙِھا، سُڃا سَرَواڻَنِ ري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 15 ]
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، کَنيائُون کيڙاَ،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لَنگهي وِئا ليڙا،
وِلِهِيءَ جا ويڙِھا، سُڃا سَرَواڻَنِ ري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 15 ]
سَڄي ھَٿَ ساٿِيَنِ جي، مَ وانءُ مالارِي،
ڏائي جا ڏيرَنِ جي، مَڻِجِ سا ٽارِي،
مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، اولاڻي آرِي،
اَسُونھَن ويچارِي، اِنَ پَرِ مِڙي ھوتَ کي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 16 ]
ڏائي جا ڏيرَنِ جي، مَڻِجِ سا ٽارِي،
مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، اولاڻي آرِي،
اَسُونھَن ويچارِي، اِنَ پَرِ مِڙي ھوتَ کي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 16 ]
ساٿِيَنِ سِينءَ نَہ جاڳِينءَ، پوءِ ڪُڄاڙِئا روءِ،
اِيءَ پَرِ ڪُپَرِ ھوءِ، جِيئَن ھُوءِ سانگِي تُون سُمَهين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 14 ]
اِيءَ پَرِ ڪُپَرِ ھوءِ، جِيئَن ھُوءِ سانگِي تُون سُمَهين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 14 ]
English Meaning
Comrades, companions, accomplices, assistants.