سارِئا جي سنڌي معنيٰ
ياد ڪيا، دِل تي آندا، يادگيريءَ ۾ آندا. سنڀاليا، جاچيا. ڳڻيا، ليکي ڪيا، ڪٿيا، حساب ڪيا. ڀيٽڻ، برابر ڪيا، چڪاسيا. سانڍيا، سَولا ڪيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Remembered, cared. Counted, reckoned, calculated to compared by laying together.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
سارِئا جا بيتن ۾ حوالا
موکِيءَ مَتارا، وَڏِيءَ ساجُهرِ سارِئا،
پِيَڻَ جٖي وارا، اَڄُ نَہ آيا ڳَڃِڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 13 ]
پِيَڻَ جٖي وارا، اَڄُ نَہ آيا ڳَڃِڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 13 ]
ڪِٿي ھُوندَمِ ھيرَ، ھِينئَڙي سَڄَڻَ سارِئا،
اَچِي لالَڻَ نَہ ڏيِين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ،
ٿِي وِرُونھَڻَ ويرَ، ڳُجهُہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 11 ]
اَچِي لالَڻَ نَہ ڏيِين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ،
ٿِي وِرُونھَڻَ ويرَ، ڳُجهُہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 11 ]
وَڍِي ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري،
ھُنَ پَنَ پانھِنجا سارِئا، ھُوءَ ھَنجُهون ھَڏَنِ لَئي ھاري.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 18 ]
ھُنَ پَنَ پانھِنجا سارِئا، ھُوءَ ھَنجُهون ھَڏَنِ لَئي ھاري.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 18 ]
اَڄُ پُڻ اَکَڙِيُنِ، پَنھِنجا سَڄَڻَ سارِئا،
ڳَلَنِ تان ڳوڙَھنِ جُون، بُوندُون بَسِ نَہ ڪَنِ،
سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، لوڪَ ڏِٺِي نَہ لَھي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 2 ]
ڳَلَنِ تان ڳوڙَھنِ جُون، بُوندُون بَسِ نَہ ڪَنِ،
سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، لوڪَ ڏِٺِي نَہ لَھي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 2 ]
کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽ ٻُوھَ،
ھاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئان،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٽَهڪِي اُڀا ٽُوھَ،
سُتِي سَڄَڻَ سارِئا، راتِ مُنھِنجي رُوحَ،
ھَلَنِ ھيلُون ٻَڌَنِ ٻيلُون، مُندَ موچارِي مُوھَ.
[ سُر مارئي، وايون، 1 ]
ھاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئان،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٽَهڪِي اُڀا ٽُوھَ،
سُتِي سَڄَڻَ سارِئا، راتِ مُنھِنجي رُوحَ،
ھَلَنِ ھيلُون ٻَڌَنِ ٻيلُون، مُندَ موچارِي مُوھَ.
[ سُر مارئي، وايون، 1 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ٿِيَسِ ڳُڙلُون وارَ،
سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ،
عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي ماڙِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 5 ]
سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ،
عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي ماڙِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 5 ]
ڪارايَلَ مُياسِ، وَڻِ چَڙِهئو وايُون ڪَرِيين،
تو پُڻ چورِياسِ، مُون پُڻ سَڄَڻَ سارِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 1 ]
تو پُڻ چورِياسِ، مُون پُڻ سَڄَڻَ سارِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 1 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
*ser- Proto-Indo-European root meaning "to protect, to remember, to keep." It forms all or part of: conservation; conservative; conserve; observance; observatory; observe; preserve; reservation; reserve; reservoir. It is the hypothetical source of/evidence for its existence is provided by: Avestan haurvaiti "to guard;" Latin servare "to guard, keep, watch;" Old Church Slavonic xraniti "to guard, protect;" Old High German gi-sarwi "armor, equipment," Old English searu "art, skill; wile, deceit."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
Remembered, cared. Counted, reckoned, calculated to compared by laying together.