رامَ جي سنڌي معنيٰ
هندو ڌرم ۾ وڏي اوتار. ايوڌيا جي راجا ”دسترت“ جي وڏي پٽ ”شري رامچندر“.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rama, a name of the deity Hindu.
رامَ جا بيتن ۾ حوالا
سَتين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڌاڳا ڌوئائُون،
اُڀِي الَکَ سامُھِيُون، ٻانھُون ٻَڌائُون،
رُوحُ پَنھِنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون،
وَڏِيءَ ڪَنھِن وِلاتَ جا، اُھِڃَ آندائُون،
کَڻِئو کِڌائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 7 ]

تَڪِيا تاڪِيائُون، وِئا رَمَندا رامَ ڏي،
کِجان خَبَرَ نَہ لَھان، آديسِيَنِ آئُون،
ڪَنھِن کُوڻِ کَنيائُون، ڪاڏي وِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 17 ]

جوڳِينِ جي جُڳَنِ جِي، مَٿي ۾ مِٽِي،
نانگَنِ نِنڊَ ڦِٽِي، وِئا رُوَندا رامَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 9 ]

گهِنڊَنِ پاسي گهِنڊَ، گُذارِينِ گودَڙِئا،
پَليتِيءَ کان پانھِنجا، پاڪَ رَکِئائُون پِنڊَ،
نانگَنِ ڪِي نَہ نِنڊَ، رُوَندا وَھِئا رامَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 10 ]

راتِيان رُڻ جُهڻ رامَ سين، ڏِينھان ڪَنِ سَنانُ،
جوڳِي سي اَنانُ، وَٿُون جَنِ وِرائِيُون.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 12 ]

غَينَئُون غُربَتَ جِندَڙي، سَدا سَناسِيَنِ،
ڊِڄئو ڊاءِ اللهَ جي، پُورَنِ ۾ پَچَنِ،
ريءَ رُخصَتَ رامَ جي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجَهنِ،
إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلرَّزَّاقُ ذُو ٱلۡقُوَّةِ ٱلۡمَتِينُ ، سامِيَنِ سَڏَ سُڄَنِ،
جوڳِي جُنگَ جَلَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 19 ]