جُهونا ڳَڙُه جي سنڌي معنيٰ
هندستان ۾ هڪ مشھور شھر ۽ اڳوڻيءَ رياست جو نالو (جتي راءِ ڏياچ جو محل هو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a famous and old state of India, where palace of Roy Diyach's was situated.
جُهونا ڳَڙُه جا بيتن ۾ حوالا
مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ کَڻِي سُرَندو،
سِرَ جِي صَدا سِرَ ۾، گهُورَ ھَڻِي گهُرَندو،
مَٿي ريءَ مَلُوڪَ جي، چارَڻُ نَہ چُرَندو،
جُهونا ڳَڙُه جُهرَندو، پُوندِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 12 ]
سِرَ جِي صَدا سِرَ ۾، گهُورَ ھَڻِي گهُرَندو،
مَٿي ريءَ مَلُوڪَ جي، چارَڻُ نَہ چُرَندو،
جُهونا ڳَڙُه جُهرَندو، پُوندِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 12 ]
مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ وَٺِي سِرِي،
سِسِي تَنھِن سُلطانَ کان، اَچِي گهوٽَ گهُرِي،
تَنھِن ھَنئِي تَندُ طَبِيلَ ۾، پِئا ڪوٽَ ڪِرِي،
ھَنڌين ماڳين ھُوءِ ٿِي، تُنھِنجِي ٻِيجَلِئا دانھَن ٻُرِي،
جُهونا ڳَڙُه جُهرِي پيئِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 13 ]

راجا راتِ رَمِ ڳيَو، جُهونا ڳَڙُه جهوري،
ڏِنو سِرُ ڏِياچَ، ڪُلَهنِ تان ڪوري،
وَٺُ مَٿو تُون مَڱڻا تَندُنِ سان توري،
جو گهُرِيُئِي سو جُڙِيُئِي، ھاڻِ مَ پَئُہ ھوري،
پُڄان نَہ آئُون ٿوري، جِيئَن پيرَ پِرتان تو پايا.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 7 ]

کَپُرَ گاروڙِيَنِ سين، وَڏو وِڌوءِ ويرُ،
نانگَ نَہ ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرَ مَٿي پيرُ،
ھِيءُ تَنِ جو ڍيرُ، جَنِ جُهونا ڳَڙُه جَلايو.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 19 ]
نانگَ نَہ ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرَ مَٿي پيرُ،
ھِيءُ تَنِ جو ڍيرُ، جَنِ جُهونا ڳَڙُه جَلايو.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 19 ]
جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پاڻُ،
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ سُڄاڻُ،
ڪِھَڙو پَھُ پَرياڻُ، ڪَندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 10 ]
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ سُڄاڻُ،
ڪِھَڙو پَھُ پَرياڻُ، ڪَندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 10 ]
جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پيھِي،
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو ويھِي،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ تَندُ ھَڻِي تيهِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، ڪندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 11 ]
ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو ويھِي،
راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ تَندُ ھَڻِي تيهِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، ڪندو جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 11 ]
جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، ڪو عَطائِي آيو،
ڪَڍِي تَنھِن ڪِينِرو، ويھِي وَڄايو،
شَھَرُ سَڄو ئِي سُرودَ سين، تَندنِ تَپايو،
دايُون دَرماندِيُون ٿِيُون، ٻائِنِ ٻاڏايو،
چارَڻُ تَنھِن چايو، جَو مارِي آيو مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 9 ]
ڪَڍِي تَنھِن ڪِينِرو، ويھِي وَڄايو،
شَھَرُ سَڄو ئِي سُرودَ سين، تَندنِ تَپايو،
دايُون دَرماندِيُون ٿِيُون، ٻائِنِ ٻاڏايو،
چارَڻُ تَنھِن چايو، جَو مارِي آيو مَڱِڻو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 9 ]
مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا،
مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ،
سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ ڪِي، موٽُ مَ مَڱڻَھارَ،
لَڄِيندو ٿو لاھِيان، ڪِينِهي مَنجِهہ ڪَپارَ،
جاجِڪَ جُهونا ڳَڙَه ۾، ھَلُ تَہ ٿِيُون يارَ،
مَڇُڻ موٽِي ڪَرِيين، گِلا جِي گُفتارَ.
[ سُر سورٺ، وايون، 3 ]

گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِئو دُئارُ،
ڪوڙيِين سَندو ڪارَڻِي، اَڙِيَنِ جو آڌارُ،
وَسِيلو وِلهَنِ جو، سَڀَنِي جو سَردارُ،
اِھَڙو راءِ کَنگهارُ، وِئو جهوري جُهونا ڳَڙَه کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 4 ]
ڪوڙيِين سَندو ڪارَڻِي، اَڙِيَنِ جو آڌارُ،
وَسِيلو وِلهَنِ جو، سَڀَنِي جو سَردارُ،
اِھَڙو راءِ کَنگهارُ، وِئو جهوري جُهونا ڳَڙَه کي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 4 ]
لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ،
ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ،
جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،
سامِي سَڀَ ڄَمارَ، ويھِي ماڳِ مَرِي وِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 19 ]