جهولِيءَ جي سنڌي معنيٰ
ھنجَ. جهولَ، دامَن، پَلَءُ، پَلاندُ. گودِ. ڪپڙي جو ٺهيل ڳوٿرو (جنهن ۾ ساڌُو فقير خيرات وٺِن)، بگري. اُهو چندو جو ھندو فقير مھاديو جي نالي ۾ وصول ڪندا آهن. آکيرو. ڪپڙي مان ٺاهيل ڪانبَ، جهولَ، جهِڪاڻِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cradle, wallets, lap, sack, pouch
جهولِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻاڻُ،
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڏي، سَندا ميھَرَ ميھَڻا،
جَهلِيان ٿِي جهولِيءَ ۾، پَلَئِہ پايو سي،
مَرُ تان چالِيھَ چئَي، سَڱا سُپَيرِيَن جي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 18 ]
جَهلِيان ٿِي جهولِيءَ ۾، پَلَئِہ پايو سي،
مَرُ تان چالِيھَ چئَي، سَڱا سُپَيرِيَن جي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 18 ]
تَڙِ تَماچِي آيو، مَٿي تَڙَ تَنھا،
اِيندي پيَسِ اوچِتِي، نُورِيءَ تي نِگاھَ،
تَنھِن کي گَندرِي چَوَڻُ گُناھُ، جَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 22 ]
اِيندي پيَسِ اوچِتِي، نُورِيءَ تي نِگاھَ،
تَنھِن کي گَندرِي چَوَڻُ گُناھُ، جَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 22 ]
ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، بَدِ جَنِي ۾ بُوءِ،
ھَٿين پيرين چِٻِرِيُون، رَنگُ نَہ چَڱِيءَ رُوءِ،
جَنھِن دُرا وِڪِئا دوءِ، تَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 16 ]
ھَٿين پيرين چِٻِرِيُون، رَنگُ نَہ چَڱِيءَ رُوءِ،
جَنھِن دُرا وِڪِئا دوءِ، تَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 16 ]
English Meaning
Cradle, wallets, lap, sack, pouch