جهولَ جي سنڌي معنيٰ
جهَولَڪ چولي، پَھراڻَ وغيرہ جو اڳيون پاسو، جو ڪنھن شيءِ وٺڻ لاءِ دامن کان جهلبو آهي، هنجَ. جهولي، دامَن، پَلَئُہ، پَلاندُ. گودِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sack, pouch, bag, a beggar's pouch, wallet, pendulous belly (of an ox), a sheet used as a fan in winnowing, a trick in wrestling, to get.
جهولَ جا بيتن ۾ حوالا
پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو،
پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪَنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 15 ]

جهولَ نَہ جَهلِي سُهڻِي، سائِرُ سَٽَ سَندِياسِ،
جَنھِن اِھَڙِي ڄائِي عاجِزَ، سا مَرُ مَرَڪي ماسِ،
پَسِين جَي پِياسِ، تَہ ڪِي عِشقُ آڻِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 16 ]

نَہ ڪا جهولَ جَهليسِ، نَہ تانگهو نَہ تارِ ڪِي،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَليس،
تانۡ تانۡ جِيءُ جَليسِ، مِلي جانۡ نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 17 ]

سِھَ سِيارو پاڻِي پارو، جِتِ جُهڙُ جَهڪَ ۽ جهولَ،
مَنَ اَندَرِ ميھارَ جا، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ،
جيلان ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تي اَڙانگا آرَ تَران.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 18 ]

ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، ڪارِيھَرَ ڪَڙَڪا،
مَئي مَتي مَھِراڻَ جا، دُپارا دَڙَڪا،
ويندي ساھَڙَ سامُهُون، ڏِنَسِ جهولَ جَهڙَڪا،
اَچِي پَئِي اُتَھِين، جِتِ سِيرَ سَندا سَڙَڪا،
کَرَڪَنِ جا کَڙَڪا، سُونھان ٿِئَڙَسِ سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 5 ]

جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِيئَن نَہ مَرَنِ مَڇَ،
سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ،
ھِي ڇارُون ۽ ڇَڇَ، اَڃا اوڙاھُ اَڳاھُون ٿِئو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 19 ]