تُنبائي جي سنڌي معنيٰ
ڪپھ کي پڃائي، صاف ڪري، تُنب ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To clean or card cotton.
تُنبائي جا بيتن ۾ حوالا
تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پِڃايو پاءُ،
لَسِي تَندُ لَطِيفُ چئَي، ھَلِي تَنِ ھَٿان،
مَلمَل مَنجهان ماءَ، جٖي سِکِيُون تَنِ سونُ ڪِئو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 23 ]
لَسِي تَندُ لَطِيفُ چئَي، ھَلِي تَنِ ھَٿان،
مَلمَل مَنجهان ماءَ، جٖي سِکِيُون تَنِ سونُ ڪِئو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 23 ]
ڪا ھِنيَين سين لاءِ ڀورِي، ڪاھِنيين سين لاءِ،
پَھِيُون تُنھِنجُون جِهرڪِنِ جَهٽِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءَ،
اَرِٽُ پَسِي اوجَهرين، توکي سُمَهڻَ آيو ساءُ،
سَنجهي سُمهين صُبحِ سُمهين وَھي سَڀَ وَھِياءِ،
جَڙَ جَنِي جي جانِ ۾، سي لوچَنِ لالَڻَ لاءِ،
تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پَڃايو پاءُ،
لَسِي تَندُ لَطِيفُ چئَي، ھَلِي تَنِ ھَٿان.
[ سُر ڪاپائتي، وايون، 1 ]
پَھِيُون تُنھِنجُون جِهرڪِنِ جَهٽِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءَ،
اَرِٽُ پَسِي اوجَهرين، توکي سُمَهڻَ آيو ساءُ،
سَنجهي سُمهين صُبحِ سُمهين وَھي سَڀَ وَھِياءِ،
جَڙَ جَنِي جي جانِ ۾، سي لوچَنِ لالَڻَ لاءِ،
تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پَڃايو پاءُ،
لَسِي تَندُ لَطِيفُ چئَي، ھَلِي تَنِ ھَٿان.
[ سُر ڪاپائتي، وايون، 1 ]
English Meaning
To clean or card cotton.
تُنبائي ٻول جا زمرا